ٱلَّذِينَ يُقِيمُونَ ٱلصَّلَوٰةَ وَيُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَهُم بِٱلْءَاخِرَةِ هُمْ يُوقِنُونَ ﴿٣﴾
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (به) يقين رکندا آھن.
إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْءَاخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ أَعْمَٰلَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُونَ ﴿٤﴾
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون پوءِ اُھي حيران رھندا آھن.
أُوْلَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ لَهُمْ سُوٓءُ ٱلْعَذَابِ وَهُمْ فِى ٱلْءَاخِرَةِ هُمُ ٱلْأَخْسَرُونَ ﴿٥﴾
اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي ۽ اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن.
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى ٱلْقُرْءَانَ مِن لَّدُنْ حَكِيمٍ عَلِيمٍ ﴿٦﴾
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.
إِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِأَهْلِهِۦٓ إِنِّىٓ ءَانَسْتُ نَارًۭا سَـَٔاتِيكُم مِّنْهَا بِخَبَرٍ أَوْ ءَاتِيكُم بِشِهَابٍۢ قَبَسٍۢ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُونَ ﴿٧﴾
(ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو ته بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) ٻاريل ٽانڊو آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.
فَلَمَّا جَآءَهَا نُودِىَ أَنۢ بُورِكَ مَن فِى ٱلنَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا وَسُبْحَٰنَ ٱللَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ ﴿٨﴾
پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو ته جوئي باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جي پالڻھار کي پاڪائي آھي.
يَٰمُوسَىٰٓ إِنَّهُۥٓ أَنَا ٱللَّهُ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ ﴿٩﴾
(چيو ويو ته) اي مُوسىٰ بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي ته) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان.
وَأَلْقِ عَصَاكَ ۚ فَلَمَّا رَءَاهَا تَهْتَزُّ كَأَنَّهَا جَآنٌّۭ وَلَّىٰ مُدْبِرًۭا وَلَمْ يُعَقِّبْ ۚ يَٰمُوسَىٰ لَا تَخَفْ إِنِّى لَا يَخَافُ لَدَىَّ ٱلْمُرْسَلُونَ ﴿١٠﴾
۽ پنھنجي لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي مُوسىٰ نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ پيغمبر نه ڊڄندا آھن.
إِلَّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسْنًۢا بَعْدَ سُوٓءٍۢ فَإِنِّى غَفُورٌۭ رَّحِيمٌۭ ﴿١١﴾
پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائي کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين ته بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان.
وَأَدْخِلْ يَدَكَ فِى جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَآءَ مِنْ غَيْرِ سُوٓءٍۢ ۖ فِى تِسْعِ ءَايَٰتٍ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهِۦٓ ۚ إِنَّهُمْ كَانُواْ قَوْمًۭا فَٰسِقِينَ ﴿١٢﴾
۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ وجھ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ داخل آھن فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن.
فَلَمَّا جَآءَتْهُمْ ءَايَٰتُنَا مُبْصِرَةًۭ قَالُواْ هَٰذَا سِحْرٌۭ مُّبِينٌۭ ﴿١٣﴾
پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون (تنھن مھل) چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.
وَجَحَدُواْ بِهَا وَٱسْتَيْقَنَتْهَآ أَنفُسُهُمْ ظُلْمًۭا وَعُلُوًّۭا ۚ فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُفْسِدِينَ ﴿١٤﴾
۽ بي انصافي ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون حالانڪ سندين دلين انھن کي پڪ ڄاتو ھو (ته الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا دَاوُۥدَ وَسُلَيْمَٰنَ عِلْمًۭا ۖ وَقَالَا ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى فَضَّلَنَا عَلَىٰ كَثِيرٍۢ مِّنْ عِبَادِهِ ٱلْمُؤْمِنِينَ ﴿١٥﴾
۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو ته سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي ڀلائي ڏني آھي.
وَوَرِثَ سُلَيْمَٰنُ دَاوُۥدَ ۖ وَقَالَ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ عُلِّمْنَا مَنطِقَ ٱلطَّيْرِ وَأُوتِينَا مِن كُلِّ شَىْءٍ ۖ إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ ٱلْفَضْلُ ٱلْمُبِينُ ﴿١٦﴾
۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي ماڻھؤ اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اھا پڌري ڀلائي آھي.
وَحُشِرَ لِسُلَيْمَٰنَ جُنُودُهُۥ مِنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ وَٱلطَّيْرِ فَهُمْ يُوزَعُونَ ﴿١٧﴾
۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھوا.
حَتَّىٰٓ إِذَآ أَتَوْاْ عَلَىٰ وَادِ ٱلنَّمْلِ قَالَتْ نَمْلَةٌۭ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّمْلُ ٱدْخُلُواْ مَسَٰكِنَكُمْ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمَٰنُ وَجُنُودُهُۥ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ ﴿١٨﴾
تان جو جڏھن ڪِوۡلين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِوۡل چيو ته اي ڪيوۡليون اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو، ته سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نه لتاڙين.
فَتَبَسَّمَ ضَاحِكًۭا مِّن قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِىٓ أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ ٱلَّتِىٓ أَنْعَمْتَ عَلَىَّ وَعَلَىٰ وَٰلِدَىَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَٰلِحًۭا تَرْضَىٰهُ وَأَدْخِلْنِى بِرَحْمَتِكَ فِى عِبَادِكَ ٱلصَّٰلِحِينَ ﴿١٩﴾
پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) ته اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر.
وَتَفَقَّدَ ٱلطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِىَ لَآ أَرَى ٱلْهُدْهُدَ أَمْ كَانَ مِنَ ٱلْغَآئِبِينَ ﴿٢٠﴾
۽ پکين جو حال احوال معلوم ڪيائين پوءِ (ھُد ھُد کي نه ڏسي ڪري) چيائين ته مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھُد ھُد نه ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟
لَأُعَذِّبَنَّهُۥ عَذَابًۭا شَدِيدًا أَوْ لَأَاْذْبَحَنَّهُۥٓ أَوْ لَيَأْتِيَنِّى بِسُلْطَٰنٍۢ مُّبِينٍۢ ﴿٢١﴾
ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي.
فَمَكَثَ غَيْرَ بَعِيدٍۢ فَقَالَ أَحَطتُ بِمَا لَمْ تُحِطْ بِهِۦ وَجِئْتُكَ مِن سَبَإٍۭ بِنَبَإٍۢ يَقِينٍ ﴿٢٢﴾
پوءِ گھڻو نه ترسيو ته (اچي) چيائين ته اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي توکي ڪا سُڌ نه ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تووٽ آندي اٿم.
إِنِّى وَجَدتُّ ٱمْرَأَةًۭ تَمْلِكُهُمْ وَأُوتِيَتْ مِن كُلِّ شَىْءٍۢ وَلَهَا عَرْشٌ عَظِيمٌۭ ﴿٢٣﴾
بيشڪ مون ھڪ زال ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي ھڪ وڏو تخت (به) آھي.
وَجَدتُّهَا وَقَوْمَهَا يَسْجُدُونَ لِلشَّمْسِ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ ٱلشَّيْطَٰنُ أَعْمَٰلَهُمْ فَصَدَّهُمْ عَنِ ٱلسَّبِيلِ فَهُمْ لَا يَهْتَدُونَ ﴿٢٤﴾
کيس ۽ سندس قوم کي الله کان سواءِ سج جي پوڄا ڪندو ڏٺم ۽ شيطان انھن لاءِ سندن ڪرتوت سينگاريا آھن ۽ کين (الله جي) واٽ کان جھليو اٿس تنھنڪري اُھي ھدايت نٿا لھن.
أَلَّا يَسْجُدُواْ لِلَّهِ ٱلَّذِى يُخْرِجُ ٱلْخَبْءَ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُخْفُونَ وَمَا تُعْلِنُونَ ﴿٢٥﴾
(اُھي) اُنھيءَ الله کي سجدو ڇو نه ٿا ڪن جو آسمانن ۽ زمين جون ڳجھيون شيون پڌريون ڪندو آھي؟ ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.
ٱللَّهُ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ رَبُّ ٱلْعَرْشِ ٱلْعَظِيمِ ۩ ﴿٢٦﴾
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اُھو) وڏي عرش جو پالڻھار آھي.
۞ قَالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقْتَ أَمْ كُنتَ مِنَ ٱلْكَٰذِبِينَ ﴿٢٧﴾
(سليمان) چيو ته ڏسنداسين ته سچ چيو اٿيئي يا ڪوڙن مان آھين.
ٱذْهَب بِّكِتَٰبِى هَٰذَا فَأَلْقِهْ إِلَيْهِمْ ثُمَّ تَوَلَّ عَنْهُمْ فَٱنظُرْ مَاذَا يَرْجِعُونَ ﴿٢٨﴾
ھيءُ منھنجو خط کڻي وڃ پوءِ اُھو اُنھن ڏانھن اُڇل وري کانئن منھن ڦيراءِ پوءِ ڏس ته ڇا ٿا ورندي ڏين؟
قَالَتْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمَلَؤُاْ إِنِّىٓ أُلْقِىَ إِلَىَّ كِتَٰبٌۭ كَرِيمٌ ﴿٢٩﴾
(بلقيس خط ڏسي) چيو ته اي سردارؤ مون ڏانھن سڳورو خط اڇليو ويو آھي.
إِنَّهُۥ مِن سُلَيْمَٰنَ وَإِنَّهُۥ بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ﴿٣٠﴾
بيشڪ اُھو (خط) سليمان وٽان (آيل) آھي ۽ بيشڪ اُھو الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) آھي.
أَلَّا تَعْلُواْ عَلَىَّ وَأْتُونِى مُسْلِمِينَ ﴿٣١﴾
(ھن مضمون سان لکيل آھي) ته منھنجي آڏو وڏائي نه ڪريو ۽ مون وٽ مسلمان ٿي اچو.
قَالَتْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمَلَؤُاْ أَفْتُونِى فِىٓ أَمْرِى مَا كُنتُ قَاطِعَةً أَمْرًا حَتَّىٰ تَشْهَدُونِ ﴿٣٢﴾
(بلقيس وري) چيو ته اي سردارؤ منھنجي ڪم ۾ مونکي صلاح ڏيو، آءٌ ڪو ڪم ايسين نبيريندڙ نه آھيان جيسين اوھين حاضر (نه) ٿيندا آھيو.
قَالُواْ نَحْنُ أُوْلُواْ قُوَّةٍۢ وَأُوْلُواْ بَأْسٍۢ شَدِيدٍۢ وَٱلْأَمْرُ إِلَيْكِ فَٱنظُرِى مَاذَا تَأْمُرِينَ ﴿٣٣﴾
چيائون ته اسين زور وارا ۽ ڏاڍا جنگي جوان آھيون، ۽ (سڀڪو) ڪم توکي (وس ۾) آھي پوءِ نھار ته ڇا ٿي حُڪم ڪرين.
قَالَتْ إِنَّ ٱلْمُلُوكَ إِذَا دَخَلُواْ قَرْيَةً أَفْسَدُوهَا وَجَعَلُوٓاْ أَعِزَّةَ أَهْلِهَآ أَذِلَّةًۭ ۖ وَكَذَٰلِكَ يَفْعَلُونَ ﴿٣٤﴾
چيائين ته بيشڪ بادشاھ جنھن مھل ڪنھن ڳوٺ ۾ گھڙندا آھن (تنھن مھل) اُن کي اُجاڙيندا آھن ۽ اُن جي مانَ وارن کي بي مانو ڪندا آھن، ۽ (سڀئي بادشاھ) ائين ئي ڪندا آھن.
وَإِنِّى مُرْسِلَةٌ إِلَيْهِم بِهَدِيَّةٍۢ فَنَاظِرَةٌۢ بِمَ يَرْجِعُ ٱلْمُرْسَلُونَ ﴿٣٥﴾
۽ بيشڪ آءٌ اُنھن ڏانھن ڪا سوکڙي موڪليان ٿي پوءِ ڏسان ته قاصد ڇا سان موٽن ٿا.
فَلَمَّا جَآءَ سُلَيْمَٰنَ قَالَ أَتُمِدُّونَنِ بِمَالٍۢ فَمَآ ءَاتَىٰنِۦَ ٱللَّهُ خَيْرٌۭ مِّمَّآ ءَاتَىٰكُم بَلْ أَنتُم بِهَدِيَّتِكُمْ تَفْرَحُونَ ﴿٣٦﴾
پوءِ جنھن مھل سُليمان وٽ (قاصد) آيو (تنھن مھل سليمان) چيو ته اوھين مونکي مال سان مدد ڏيو ٿا ڇا؟ جو جيڪي مونکي الله ڏنو آھي سو انھيءَ کان ڀلو آھي جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس، بلڪ اوھين پنھنجن سوغاتن سان خوش ٿيو ٿا.
ٱرْجِعْ إِلَيْهِمْ فَلَنَأْتِيَنَّهُم بِجُنُودٍۢ لَّا قِبَلَ لَهُم بِهَا وَلَنُخْرِجَنَّهُم مِّنْهَآ أَذِلَّةًۭ وَهُمْ صَٰغِرُونَ ﴿٣٧﴾
(سندن سوغاتن سميت) انھن ڏانھن موٽي وڃ (اسين) بيشڪ اھڙا ڪٽڪ وٽن آڻينداسون جن جي سامھون ٿيڻ جي انھن کي ڪا مجال نه ھوندي ۽ اُن ھنڌان کين بلڪل بي مانو ڪري ڪڍنداسين ۽ اُھي خوار ھوندا.
قَالَ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمَلَؤُاْ أَيُّكُمْ يَأْتِينِى بِعَرْشِهَا قَبْلَ أَن يَأْتُونِى مُسْلِمِينَ ﴿٣٨﴾
(سليمان) چيو ته اي سردارؤ اوھان مان ڪير انھن جي مسلمان ٿي مون وٽ اچڻ کان اڳ مون وٽ سندس تخت آڻيندو؟
قَالَ عِفْرِيتٌۭ مِّنَ ٱلْجِنِّ أَنَا۠ ءَاتِيكَ بِهِۦ قَبْلَ أَن تَقُومَ مِن مَّقَامِكَ ۖ وَإِنِّى عَلَيْهِ لَقَوِىٌّ أَمِينٌۭ ﴿٣٩﴾
جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو ته تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس، ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان.
قَالَ ٱلَّذِى عِندَهُۥ عِلْمٌۭ مِّنَ ٱلْكِتَٰبِ أَنَا۠ ءَاتِيكَ بِهِۦ قَبْلَ أَن يَرْتَدَّ إِلَيْكَ طَرْفُكَ ۚ فَلَمَّا رَءَاهُ مُسْتَقِرًّا عِندَهُۥ قَالَ هَٰذَا مِن فَضْلِ رَبِّى لِيَبْلُوَنِىٓ ءَأَشْكُرُ أَمْ أَكْفُرُ ۖ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبِّى غَنِىٌّۭ كَرِيمٌۭ ﴿٤٠﴾
(ٻيو) شخص جنھن وٽ ڪتاب مان علم ھو (تنھن) چيو ته تنھنجي نگاھ جي توڏانھن موٽڻ کان اڳي آءٌ اھو (تخت) تو وٽ آڻيندس، پوءِ جنھن مھل (سليمان) اُھو پاڻ وٽ رکيل ڏٺو (تنھن مھل) چيائين ته ھيءُ منھنجي پالڻھار جي فضل مان آھي، (ھن لاءِ) ته مونکي پرکي ته شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو، ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي (نفعي) لاءِ شڪر ڪندو، ۽ جنھن بي شڪري ڪئي ته منھنجو پالڻھار بي پرواہ ڪرم ڪندڙ آھي.
قَالَ نَكِّرُواْ لَهَا عَرْشَهَا نَنظُرْ أَتَهْتَدِىٓ أَمْ تَكُونُ مِنَ ٱلَّذِينَ لَا يَهْتَدُونَ ﴿٤١﴾
(سُليمان) چيو ته اُن جي تخت کي اُن (جي آزمائش) لاءِ مٽايو ته ڏسون ته سُڃاڻي ٿي يا اُنھن مان ٿئي ٿي جيڪي نه سڃاڻن؟
فَلَمَّا جَآءَتْ قِيلَ أَهَٰكَذَا عَرْشُكِ ۖ قَالَتْ كَأَنَّهُۥ هُوَ ۚ وَأُوتِينَا ٱلْعِلْمَ مِن قَبْلِهَا وَكُنَّا مُسْلِمِينَ ﴿٤٢﴾
پوءِ جنھن مھل (بلقيس) آئي (تنھن مھل) چيو ويو ته تنھنجو تخت ھھڙو آھي ڇا؟ چيائين ته ھيءُ ڄڻڪ اُھوئي آھي، ۽ ھن کان اڳ (سليمان جي سچائي بابت) اسان کي ڄاڻپ ڏني وئي ھئي ۽ اسين حڪم مڃيندڙ آھيون.
وَصَدَّهَا مَا كَانَت تَّعْبُدُ مِن دُونِ ٱللَّهِ ۖ إِنَّهَا كَانَتْ مِن قَوْمٍۢ كَٰفِرِينَ ﴿٤٣﴾
۽ الله کانسواءِ جنھنجي پوڄا ڪندي ھئي تنھن کان کيس (سليمان) جھليو، بيشڪ اُھا ڪافرن جي قوم مان ھئي.
قِيلَ لَهَا ٱدْخُلِى ٱلصَّرْحَ ۖ فَلَمَّا رَأَتْهُ حَسِبَتْهُ لُجَّةًۭ وَكَشَفَتْ عَن سَاقَيْهَا ۚ قَالَ إِنَّهُۥ صَرْحٌۭ مُّمَرَّدٌۭ مِّن قَوَارِيرَ ۗ قَالَتْ رَبِّ إِنِّى ظَلَمْتُ نَفْسِى وَأَسْلَمْتُ مَعَ سُلَيْمَٰنَ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ ﴿٤٤﴾
اُن کي چيو ويو ته محلات ۾ گھِڙ پوءِ اُھا جنھن مھل ڏٺائين (تنھن مھل) اُن کي پاڻيءَ جو تلاءُ ڀانيائين ۽ پنھنجن پنين تان ڪپڙو لاٿائين، (سليمانؑ) چيو ته اھا محلات شيشن سان جڙاء ٿيل آھي، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (ھاڻي) جھانن جي پالڻھار الله کي سُليمان سميت مڃيم.
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَآ إِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَٰلِحًا أَنِ ٱعْبُدُواْ ٱللَّهَ فَإِذَا هُمْ فَرِيقَانِ يَخْتَصِمُونَ ﴿٤٥﴾
۽ بيشڪ ثمود (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ صالح موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو پوءِ اُھي اُن مھل ٻه ٽوليون ٿي جھڳڙو ڪنديون رھيون.
قَالَ يَٰقَوْمِ لِمَ تَسْتَعْجِلُونَ بِٱلسَّيِّئَةِ قَبْلَ ٱلْحَسَنَةِ ۖ لَوْلَا تَسْتَغْفِرُونَ ٱللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ ﴿٤٦﴾
(صالح) چيو ته اي منھنجي قوم اوھين چڱائيءَ کان اڳ تڪڙو عذاب ڇو گھرندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇونه ٿا گھرو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.
قَالُواْ ٱطَّيَّرْنَا بِكَ وَبِمَن مَّعَكَ ۚ قَالَ طَٰٓئِرُكُمْ عِندَ ٱللَّهِ ۖ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌۭ تُفْتَنُونَ ﴿٤٧﴾
چيائون ته توکي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو ته اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي بلڪ اوھين قوم پرکبؤ.
وَكَانَ فِى ٱلْمَدِينَةِ تِسْعَةُ رَهْطٍۢ يُفْسِدُونَ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ ﴿٤٨﴾
۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھوا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھوا ۽ سُڌارو نه ڪندا ھوا.
قَالُواْ تَقَاسَمُواْ بِٱللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُۥ وَأَهْلَهُۥ ثُمَّ لَنَقُولَنَّ لِوَلِيِّهِۦ مَا شَهِدْنَا مَهْلِكَ أَهْلِهِۦ وَإِنَّا لَصَٰدِقُونَ ﴿٤٩﴾
اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو ته صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون وري سندس وارث کي ضرور چونداسون ته (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نه ھواسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون.
وَمَكَرُواْ مَكْرًۭا وَمَكَرْنَا مَكْرًۭا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ ﴿٥٠﴾
۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (به) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھوا.
فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ مَكْرِهِمْ أَنَّا دَمَّرْنَٰهُمْ وَقَوْمَهُمْ أَجْمَعِينَ ﴿٥١﴾
پوءِ (اي پيغمبر) نھار ته سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جو اسان کين ۽ سندن ساري قوم کي ناس ڪيو.
فَتِلْكَ بُيُوتُهُمْ خَاوِيَةًۢ بِمَا ظَلَمُوٓاْ ۗ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَةًۭ لِّقَوْمٍۢ يَعْلَمُونَ ﴿٥٢﴾
پوءِ اُنھيءَ سببان جو ظلم ڪيائون اُھي سندن گھر اُجڙيل آھن، ڄاڻندڙ قوم لاءِ بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي.
وَأَنجَيْنَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ وَكَانُواْ يَتَّقُونَ ﴿٥٣﴾
۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي تن کي بچايوسون.
وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِۦٓ أَتَأْتُونَ ٱلْفَٰحِشَةَ وَأَنتُمْ تُبْصِرُونَ ﴿٥٤﴾
۽ لُوط کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين بي حيائي (جو ڪم) ڪندا آھيو ڇا؟ ۽ اوھين ڏسندا (به) آھيو.
أَئِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ ٱلرِّجَالَ شَهْوَةًۭ مِّن دُونِ ٱلنِّسَآءِ ۚ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌۭ تَجْهَلُونَ ﴿٥٥﴾
ڇا اوھين زالن کي ڇڏي مردن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين جاھل قوم آھيو.
۞ فَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِۦٓ إِلَّآ أَن قَالُوٓاْ أَخْرِجُوٓاْ ءَالَ لُوطٍۢ مِّن قَرْيَتِكُمْ ۖ إِنَّهُمْ أُنَاسٌۭ يَتَطَهَّرُونَ ﴿٥٦﴾
تڏھن سندن قوم جي ورندي رڳو ھيءَ ھئي ته چيائون ته پنھنجي ڳوٺ مان لُوط جي گھر وارن کي تڙيو، ڇو ته اُھي ماڻھو پاڪ ھجڻ گھرندا آھن.
فَأَنجَيْنَٰهُ وَأَهْلَهُۥٓ إِلَّا ٱمْرَأَتَهُۥ قَدَّرْنَٰهَا مِنَ ٱلْغَٰبِرِينَ ﴿٥٧﴾
پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي بچايوسون سواءِ سندس زال جي، جنھن کي پوءِ تي رھيلن مان ٺھرايوسين.
وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًۭا ۖ فَسَآءَ مَطَرُ ٱلْمُنذَرِينَ ﴿٥٨﴾
۽ مٿن مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄايلن جو مينھن بڇڙو آھي.
قُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ وَسَلَٰمٌ عَلَىٰ عِبَادِهِ ٱلَّذِينَ ٱصْطَفَىٰٓ ۗ ءَآللَّهُ خَيْرٌ أَمَّا يُشْرِكُونَ ﴿٥٩﴾
(اي پيغمبر) چؤ ته سڀ ساراہ الله کي جڳائي ۽ سندس انھن ٻانھن تي سلام ھجي جن کي پسند ڪيائين، الله ڀلو آھي يا اُھو جنھن کي (اُھي الله جو) شريڪ بڻائيندا آھن؟
أَمَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ فَأَنۢبَتْنَا بِهِۦ حَدَآئِقَ ذَاتَ بَهْجَةٍۢ مَّا كَانَ لَكُمْ أَن تُنۢبِتُواْ شَجَرَهَآ ۗ أَءِلَٰهٌۭ مَّعَ ٱللَّهِ ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌۭ يَعْدِلُونَ ﴿٦٠﴾
(نه بلڪ پڇون ٿا) اُھو ڪير آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوھان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايو؟ پوءِ ان سان (ھر طرح جا) رونق وارا باغ ڄماياسون، اُنھن (باغن) جي وڻن جي ڄمائڻ جي اوھان کي ڪا سگھ نه ھئي الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُھي (اھڙي قوم آھن جي سڌي رستي کان) ڏنگو ھلندا آھن.
أَمَّن جَعَلَ ٱلْأَرْضَ قَرَارًۭا وَجَعَلَ خِلَٰلَهَآ أَنْهَٰرًۭا وَجَعَلَ لَهَا رَوَٰسِىَ وَجَعَلَ بَيْنَ ٱلْبَحْرَيْنِ حَاجِزًا ۗ أَءِلَٰهٌۭ مَّعَ ٱللَّهِ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ ﴿٦١﴾
(نه بلڪ پڇون ٿا ٿه) زمين کي ٽڪاءَ وارو ڪنھن ڪيو ۽ اُن جي وچ ۾ نھرون (ڪنھن) پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل (ڪنھن) پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن جي وچ ۾ (ڪنھن) اوٽ بڻائي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
أَمَّن يُجِيبُ ٱلْمُضْطَرَّ إِذَا دَعَاهُ وَيَكْشِفُ ٱلسُّوٓءَ وَيَجْعَلُكُمْ خُلَفَآءَ ٱلْأَرْضِ ۗ أَءِلَٰهٌۭ مَّعَ ٱللَّهِ ۚ قَلِيلًۭا مَّا تَذَكَّرُونَ ﴿٦٢﴾
(نه بلڪ پُڇون ٿا ته) عاجز جي دُعا ڪير قبول ڪندو آھي جڏھن (ھو) الله کي سڏيندو آھي؟ ۽ (ڪير) ڏک لاھيندو آھي؟ ۽ اوھان کي زمين ۾ (ڪير اڳين جو) وارث ڪندو آھي، الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
أَمَّن يَهْدِيكُمْ فِى ظُلُمَٰتِ ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ وَمَن يُرْسِلُ ٱلرِّيَٰحَ بُشْرًۢا بَيْنَ يَدَىْ رَحْمَتِهِۦٓ ۗ أَءِلَٰهٌۭ مَّعَ ٱللَّهِ ۚ تَعَٰلَى ٱللَّهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ ﴿٦٣﴾
(نه بلڪ پڇون ٿا ته) اوھان کي بر ۽ بحر جي اونداھين ۾ ڪير (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي؟ ۽ پنھنجي ٻاجھ (مينھن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ وائن کي ڪير گھلائيندو آھي؟ الله کانسواءِ ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (ڪافر) جيڪي شريڪ مقرر ڪندا آھن تن کان الله تمام مٿاھون آھي.
أَمَّن يَبْدَؤُاْ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُۥ وَمَن يَرْزُقُكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ ۗ أَءِلَٰهٌۭ مَّعَ ٱللَّهِ ۚ قُلْ هَاتُواْ بُرْهَٰنَكُمْ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ ﴿٦٤﴾
ڀلا نئين سر مخلوق ڪير بڻائيندو آھي وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو؟ ۽ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجي حُجت آڻيو.
قُل لَّا يَعْلَمُ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ٱلْغَيْبَ إِلَّا ٱللَّهُ ۚ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ ﴿٦٥﴾
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آھن سي الله کانسواءِ ڳجھ نه ڄاڻندا آھن، ۽ نڪي ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن وري اُٿاربن.
بَلِ ٱدَّٰرَكَ عِلْمُهُمْ فِى ٱلْءَاخِرَةِ ۚ بَلْ هُمْ فِى شَكٍّۢ مِّنْهَا ۖ بَلْ هُم مِّنْهَا عَمُونَ ﴿٦٦﴾
بلڪ سندن ڄاڻپ آخرت (جي نسبت) ۾ عاجز ٿي پئي آھي، بلڪ اُھي کانئس شڪ ۾ آھن، (نه!) بلڪ (ان جي سمجھ) کان انڌا آھن.
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓاْ أَءِذَا كُنَّا تُرَٰبًۭا وَءَابَآؤُنَآ أَئِنَّا لَمُخْرَجُونَ ﴿٦٧﴾
۽ ڪافر چوندا آھن ته جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (به تڏھن به) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟
لَقَدْ وُعِدْنَا هَٰذَا نَحْنُ وَءَابَآؤُنَا مِن قَبْلُ إِنْ هَٰذَآ إِلَّآ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ ﴿٦٨﴾
بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ ڳالھ جو اَنجام ڏنو ويو آھي ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن.
قُلْ سِيرُواْ فِى ٱلْأَرْضِ فَٱنظُرُواْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُجْرِمِينَ ﴿٦٩﴾
(اي پيغمبر کين) چؤ ته زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو ته گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي ھئي.
وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُن فِى ضَيْقٍۢ مِّمَّا يَمْكُرُونَ ﴿٧٠﴾
۽ (اي پيغمبر) مٿن ڏک نه ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نه رھ.
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا ٱلْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ ﴿٧١﴾
۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو انجام ڪڏھن ٿيندو.
قُلْ عَسَىٰٓ أَن يَكُونَ رَدِفَ لَكُم بَعْضُ ٱلَّذِى تَسْتَعْجِلُونَ ﴿٧٢﴾
(کين) چؤ ته جيڪي تڪڙو گھرندا آھيو تنھن مان ڪجھ متان اوھان جي پُٺيءَ پويان (ويجھو) ھجي.
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى ٱلنَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَشْكُرُونَ ﴿٧٣﴾
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻھن تي فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعْلَمُ مَا تُكِنُّ صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ ﴿٧٤﴾
۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو تنھنجو پالڻھار بيشڪ ڄاڻندو آھي.
وَمَا مِنْ غَآئِبَةٍۢ فِى ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ إِلَّا فِى كِتَٰبٍۢ مُّبِينٍ ﴿٧٥﴾
۽ آسمان ۽ زمين ۾ اھڙي ڪا (شيء) ڳجھي نه آھي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.
إِنَّ هَٰذَا ٱلْقُرْءَانَ يَقُصُّ عَلَىٰ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ أَكْثَرَ ٱلَّذِى هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ﴿٧٦﴾
بيشڪ ھي قرآن بني اسرائيلن کي گھڻيون ڳالھيون اُھي ڳالھيون بيان ڪندو آھي جن بابت اُھي تڪرار ڪندا ھوا.
إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِى بَيْنَهُم بِحُكْمِهِۦ ۚ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْعَلِيمُ ﴿٧٨﴾
بيشڪ تنھنجو پالڻھار پنھنجي حُڪم سان سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ اُھو غالب ڄاڻندڙ آھي.
فَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ ۖ إِنَّكَ عَلَى ٱلْحَقِّ ٱلْمُبِينِ ﴿٧٩﴾
پوءِ (اي پيغمبر تون) الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ تون پڌري سچي (دين) تي آھين.
إِنَّكَ لَا تُسْمِعُ ٱلْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ ٱلصُّمَّ ٱلدُّعَآءَ إِذَا وَلَّوْاْ مُدْبِرِينَ ﴿٨٠﴾
بيشڪ تون نڪي مُئن کي ٻُڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگھندين جڏھن (ھو) پٺي ڏيئي ڦرن.
وَمَآ أَنتَ بِهَٰدِى ٱلْعُمْىِ عَن ضَلَٰلَتِهِمْ ۖ إِن تُسْمِعُ إِلَّا مَن يُؤْمِنُ بِـَٔايَٰتِنَا فَهُم مُّسْلِمُونَ ﴿٨١﴾
۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (موٽڻ لاءِ) سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، (تون) رُڳو انھيءَ کي ٻڌائيندين جيڪو اسان جي آيتن تي ايمان آڻيندو پوءِ اُھي فرمانبردار آھن.
۞ وَإِذَا وَقَعَ ٱلْقَوْلُ عَلَيْهِمْ أَخْرَجْنَا لَهُمْ دَآبَّةًۭ مِّنَ ٱلْأَرْضِ تُكَلِّمُهُمْ أَنَّ ٱلنَّاسَ كَانُواْ بِـَٔايَٰتِنَا لَا يُوقِنُونَ ﴿٨٢﴾
۽ جڏھن مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿيندو (تڏھن) انھن لاءِ ھڪ جانور زمين مان ڪڍنداسون جو ساڻن ڳالھائيندو انھيءَ ڪري جو ماڻھو اسان جي آيتن تي يقين نه رکندا ھوا.
وَيَوْمَ نَحْشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍۢ فَوْجًۭا مِّمَّن يُكَذِّبُ بِـَٔايَٰتِنَا فَهُمْ يُوزَعُونَ ﴿٨٣﴾
۽ اُنھي ڏينھن جو سڀڪنھن اُمّت مان اھڙيءَ ٽوليءَ کي کڙو ڪنداسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو ٿي پوءِ اُھي (ھڪٻئي جي پھچڻ تائين) بيھاريا ويندا.
حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءُو قَالَ أَكَذَّبْتُم بِـَٔايَٰتِى وَلَمْ تُحِيطُواْ بِهَا عِلْمًا أَمَّاذَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ ﴿٨٤﴾
تان جو جڏھن (سڀ) ايندا (تڏھن الله) چوندو ته اوھان منھنجن آيتن کي ڇو ڪوڙ ڄاتو ھو ۽ انھن کي اوھان سمجھو به نه ھُيو يا (چؤ ته) اوھان ڪھڙو ڪم ڪيو ٿي؟
وَوَقَعَ ٱلْقَوْلُ عَلَيْهِم بِمَا ظَلَمُواْ فَهُمْ لَا يَنطِقُونَ ﴿٨٥﴾
۽ سندن ظلم ڪرڻ سببان مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿي چُڪو پوءِ اُھي (ماڻھو) ڳالھائي نه سگھندا.
أَلَمْ يَرَوْاْ أَنَّا جَعَلْنَا ٱلَّيْلَ لِيَسْكُنُواْ فِيهِ وَٱلنَّهَارَ مُبْصِرًا ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّقَوْمٍۢ يُؤْمِنُونَ ﴿٨٦﴾
نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان رات کي (ھن لاءِ) پيدا ڪيو ته منجھس آرام وٺن ۽ ڏينھن کي روشن (بڻايوسون)، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ (منھنجي قدرت جون) نشانيون آھن.
وَيَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ فَفَزِعَ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ إِلَّا مَن شَآءَ ٱللَّهُ ۚ وَكُلٌّ أَتَوْهُ دَٰخِرِينَ ﴿٨٧﴾
۽ (ياد ڪريو) جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن) جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀئي گھٻرائيندا پر جن لاءِ الله گھريو (سي نه گھٻرائيندا)، ۽ سڀڪو وٽن خوار ٿيل ايندو.
وَتَرَى ٱلْجِبَالَ تَحْسَبُهَا جَامِدَةًۭ وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ ٱلسَّحَابِ ۚ صُنْعَ ٱللَّهِ ٱلَّذِىٓ أَتْقَنَ كُلَّ شَىْءٍ ۚ إِنَّهُۥ خَبِيرٌۢ بِمَا تَفْعَلُونَ ﴿٨٨﴾
۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو انھن کي (زمين) ۾ مُحڪم ڀائين ٿو؟ حالانڪ اُھي ڪڪرن جي ھلڻ جان ھلندا، اِھا (اُنھي) الله جي جوڙ آھي جنھن سڀڪنھن شيء کي مُحڪم رکيو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي.
مَن جَآءَ بِٱلْحَسَنَةِ فَلَهُۥ خَيْرٌۭ مِّنْهَا وَهُم مِّن فَزَعٍۢ يَوْمَئِذٍ ءَامِنُونَ ﴿٨٩﴾
جيڪو نيڪي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ اُھي اُن ڏينھن گھٻرائڻ کان امن وارا ھوندا.
وَمَن جَآءَ بِٱلسَّيِّئَةِ فَكُبَّتْ وُجُوهُهُمْ فِى ٱلنَّارِ هَلْ تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ ﴿٩٠﴾
۽ جيڪو مدائي آڻيندو پوءِ تن جا منھن باھ ۾ اونڌا ڪري وجھبا، (چيو ويندنِ) ته جيڪي ڪندا ھُيؤ تنھن کانسواءِ ڪو بدلو نه ٿو ڏجيوَ.
إِنَّمَآ أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ رَبَّ هَٰذِهِ ٱلْبَلْدَةِ ٱلَّذِى حَرَّمَهَا وَلَهُۥ كُلُّ شَىْءٍۢ ۖ وَأُمِرْتُ أَنْ أَكُونَ مِنَ ٱلْمُسْلِمِينَ ﴿٩١﴾
(اي پيغمبر) چؤ ته مون کي ته (ھيءُ) حُڪم ڪيل آھي ته ھن شھر جي پالڻھار جي عبادت ڪريان جنھن اُن کي تعظيم وارو ڪيو ۽ سڀڪا شيء سندس آھي ۽ مونکي حُڪم ڪيل آھي ته مُسلمانن مان ھُجان.
وَأَنْ أَتْلُوَاْ ٱلْقُرْءَانَ ۖ فَمَنِ ٱهْتَدَىٰ فَإِنَّمَا يَهْتَدِى لِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَن ضَلَّ فَقُلْ إِنَّمَآ أَنَا۠ مِنَ ٱلْمُنذِرِينَ ﴿٩٢﴾
۽ (ھيءُ) قرآن پڙھان، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ ھدايت وارو ٿئي ٿو، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو ته چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان.