تَنزِيلُ ٱلْكِتَٰبِ مِنَ ٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَكِيمِ ﴿١﴾
(ھن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ غالب حِڪمت واري الله (جي طرف) کان آھي.
إِنَّآ أَنزَلْنَآ إِلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ بِٱلْحَقِّ فَٱعْبُدِ ٱللَّهَ مُخْلِصًۭا لَّهُ ٱلدِّينَ ﴿٢﴾
بيشڪ اسان توڏانھن سچ سان ڪتاب نازل ڪيو ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري خاص اُن جي عبادت ڪر.
أَلَا لِلَّهِ ٱلدِّينُ ٱلْخَالِصُ ۚ وَٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُواْ مِن دُونِهِۦٓ أَوْلِيَآءَ مَا نَعْبُدُهُمْ إِلَّا لِيُقَرِّبُونَآ إِلَى ٱللَّهِ زُلْفَىٰٓ إِنَّ ٱللَّهَ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِى مَا هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ۗ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى مَنْ هُوَ كَٰذِبٌۭ كَفَّارٌۭ ﴿٣﴾
خبردار ٿيءُ خالص عبادت الله ئي جي لاءِ آھي، ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ڪري ورتا، (سي چوندا آھن ته) انھن کي رڳو ھن لاءِ پوڄيندا آھيون ته اسان کي الله ڏانھن مرتبي ۾ ويجھو ڪن، جنھن ڳالھ بابت اُھي جھڳڙو ڪندا آھن تنھن بابت بيشڪ انھن جي وچ ۾ الله فيصلو ڪندو، بيشڪ الله اُنھي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽) بي شُڪر آھي.
لَّوْ أَرَادَ ٱللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًۭا لَّٱصْطَفَىٰ مِمَّا يَخْلُقُ مَا يَشَآءُ ۚ سُبْحَٰنَهُۥ ۖ هُوَ ٱللَّهُ ٱلْوَٰحِدُ ٱلْقَهَّارُ ﴿٤﴾
جيڪڏھن الله (پاڻ لاءِ) اولاد وٺڻ گھري ھا ته جيڪي (سڀئي) بڻايو اٿس تنھن مان جيڪو وڻيس ھا سو چونڊي ھا پر اُن جي ذات پاڪ آھي، اُھو ته الله اڪيلو (۽) زبردست آھي.
خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ ۖ يُكَوِّرُ ٱلَّيْلَ عَلَى ٱلنَّهَارِ وَيُكَوِّرُ ٱلنَّهَارَ عَلَى ٱلَّيْلِ ۖ وَسَخَّرَ ٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ ۖ كُلٌّۭ يَجْرِى لِأَجَلٍۢ مُّسَمًّى ۗ أَلَا هُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْغَفَّٰرُ ﴿٥﴾
آسمانن ۽ زمين کي (پوريءَ) رِٿ سان بڻايائين، رات کي ڏينھن تي لپيٽيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات تي لپيٽيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مُدّت تي ھلندو آھي، خبردار اُھو (ئي) غالب بخشڻھار آھي.
خَلَقَكُم مِّن نَّفْسٍۢ وَٰحِدَةٍۢ ثُمَّ جَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَأَنزَلَ لَكُم مِّنَ ٱلْأَنْعَٰمِ ثَمَٰنِيَةَ أَزْوَٰجٍۢ ۚ يَخْلُقُكُمْ فِى بُطُونِ أُمَّهَٰتِكُمْ خَلْقًۭا مِّنۢ بَعْدِ خَلْقٍۢ فِى ظُلُمَٰتٍۢ ثَلَٰثٍۢ ۚ ذَٰلِكُمُ ٱللَّهُ رَبُّكُمْ لَهُ ٱلْمُلْكُ ۖ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ فَأَنَّىٰ تُصْرَفُونَ ﴿٦﴾
اوھان کي ھڪ جيءَ مان بڻايائين وري منجھانئس سندس زال کي پيدا ڪيائين ۽ ڍورن مان اَٺ قسم اوھان لاءِ لاٿائين، اوھان کي اوھان کي مائن جي پيٽن ۾ ھڪ (قسم جي) بڻاوت کانپوءِ ٻئي (قسم جي) بڻاوت ٽن اونداھين ۾ پيدا ڪندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي ئي (ساري) بادشاھي آھي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
إِن تَكْفُرُواْ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُمْ ۖ وَلَا يَرْضَىٰ لِعِبَادِهِ ٱلْكُفْرَ ۖ وَإِن تَشْكُرُواْ يَرْضَهُ لَكُمْ ۗ وَلَا تَزِرُ وَازِرَةٌۭ وِزْرَ أُخْرَىٰ ۗ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُم مَّرْجِعُكُمْ فَيُنَبِّئُكُم بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ ۚ إِنَّهُۥ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ ﴿٧﴾
جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان کان بي پرواھ آھي، ۽ پنھنجن ٻانھن جي بي شُڪريءَ کي پسند نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن شڪر ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان لاءِ اُن کي پسند ڪندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان جو موٽڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھئو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.
۞ وَإِذَا مَسَّ ٱلْإِنسَٰنَ ضُرٌّۭ دَعَا رَبَّهُۥ مُنِيبًا إِلَيْهِ ثُمَّ إِذَا خَوَّلَهُۥ نِعْمَةًۭ مِّنْهُ نَسِىَ مَا كَانَ يَدْعُوٓاْ إِلَيْهِ مِن قَبْلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندَادًۭا لِّيُضِلَّ عَن سَبِيلِهِۦ ۚ قُلْ تَمَتَّعْ بِكُفْرِكَ قَلِيلًا ۖ إِنَّكَ مِنْ أَصْحَٰبِ ٱلنَّارِ ﴿٨﴾
۽ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪو ڏک پھچندو آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار کي ڏانھس ورندڙ ٿي سڏيندو آھي وري جڏھن پاڻ وٽان کيس ڪا نعمت بخشيندو آھي (تڏھن) جنھن (مطلب) لاءِ اڳ سڏيندو ھو تنھنکي وساريندو آھي ۽ الله لاءِ شريڪ مقرّر ڪندو آھي ته سندس واٽ کان (ماڻھن کي) ڀُلائي، (اي پيغمبر) چؤ ته (اي ڪافر) پنھنجي ڪُفر (جي حالت) ۾ ٿورو (وقت) نفعو وٺ، بيشڪ تون دوزخين مان آھين.
أَمَّنْ هُوَ قَٰنِتٌ ءَانَآءَ ٱلَّيْلِ سَاجِدًۭا وَقَآئِمًۭا يَحْذَرُ ٱلْءَاخِرَةَ وَيَرْجُواْ رَحْمَةَ رَبِّهِۦ ۗ قُلْ هَلْ يَسْتَوِى ٱلَّذِينَ يَعْلَمُونَ وَٱلَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ ۗ إِنَّمَا يَتَذَكَّرُ أُوْلُواْ ٱلْأَلْبَٰبِ ﴿٩﴾
ڀلا جيڪو رات جي وقتن ۾ سجدو ڪندڙ ۽ بيھي عبادت ڪندڙ آھي آخرت (جي عذاب) کان ڊڄندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار جي رحمت جي اميد رکندو آھي (سو ڀَلو آھي يا اُھو بي شُڪر مُشرڪ؟)، (اي پيغمبر) چؤ ته سمجھ وارا ۽ بي سمجھ (پاڻ ۾) برابر ٿيندا ڇا؟ ڌيان وارا ئي نصيحت وٺندا آھن.
قُلْ يَٰعِبَادِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ ٱتَّقُواْ رَبَّكُمْ ۚ لِلَّذِينَ أَحْسَنُواْ فِى هَٰذِهِ ٱلدُّنْيَا حَسَنَةٌۭ ۗ وَأَرْضُ ٱللَّهِ وَٰسِعَةٌ ۗ إِنَّمَا يُوَفَّى ٱلصَّٰبِرُونَ أَجْرَهُم بِغَيْرِ حِسَابٍۢ ﴿١٠﴾
چؤ ته اي منھنجا مُؤمن ٻانھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، جن ھن دُنيا ۾ چڱائي ڪئي تن ئي لاءِ (آخرت ۾) چڱائي آھي، ۽ الله جو مُلڪ ويڪرو آھي، رڳو صابرن کي سندن بدلو اَڻ کُٽ ڏبو.
قُلْ إِنِّىٓ أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ ٱللَّهَ مُخْلِصًۭا لَّهُ ٱلدِّينَ ﴿١١﴾
(اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ مون کي حُڪم ٿيو آھي ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت خالص ڪري رڳو اُن جي عبادت ڪريان.
وَأُمِرْتُ لِأَنْ أَكُونَ أَوَّلَ ٱلْمُسْلِمِينَ ﴿١٢﴾
۽ مون کي حُڪم ٿيو آھي ته (سڀ کان) پھريون حُڪم مڃيندڙ (آءٌ) آھيان.
قُلْ إِنِّىٓ أَخَافُ إِنْ عَصَيْتُ رَبِّى عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍۢ ﴿١٣﴾
چؤ ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته بيشڪ آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
قُلِ ٱللَّهَ أَعْبُدُ مُخْلِصًۭا لَّهُۥ دِينِى ﴿١٤﴾
چؤ ته پنھنجي عبادت الله لاءِ خالص ڪري فقط اُن جي عبادت ڪريان ٿو.
فَٱعْبُدُواْ مَا شِئْتُم مِّن دُونِهِۦ ۗ قُلْ إِنَّ ٱلْخَٰسِرِينَ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓاْ أَنفُسَهُمْ وَأَهْلِيهِمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ ۗ أَلَا ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْخُسْرَانُ ٱلْمُبِينُ ﴿١٥﴾
پوءِ الله کانسواءِ جنھن کي (اوھين) گھرو تنھن کي پوڄيو، (کين) چؤ ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن گمراھ ٿيڻ سبب پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئي ۾ وڌو، خبردار اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.
لَهُم مِّن فَوْقِهِمْ ظُلَلٌۭ مِّنَ ٱلنَّارِ وَمِن تَحْتِهِمْ ظُلَلٌۭ ۚ ذَٰلِكَ يُخَوِّفُ ٱللَّهُ بِهِۦ عِبَادَهُۥ ۚ يَٰعِبَادِ فَٱتَّقُونِ ﴿١٦﴾
سندن مٿان باھ جون ڇٽيون ۽ سندن ھيٺان به (اھڙا) وڇاڻا ھوندا، اِھو (عذاب) آھي جنھن کان الله پنھنجن ٻانھن کي ڊيڄاري ٿو، تنھنڪري اي منھنجا ٻانھؤ مون کان ڊڄو.
وَٱلَّذِينَ ٱجْتَنَبُواْ ٱلطَّٰغُوتَ أَن يَعْبُدُوهَا وَأَنَابُوٓاْ إِلَى ٱللَّهِ لَهُمُ ٱلْبُشْرَىٰ ۚ فَبَشِّرْ عِبَادِ ﴿١٧﴾
۽ جن (ماڻھن) بتن جي پوڄا ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانھن وريا تن لاءِ خوشخبري آھي.
ٱلَّذِينَ يَسْتَمِعُونَ ٱلْقَوْلَ فَيَتَّبِعُونَ أَحْسَنَهُۥٓ ۚ أُوْلَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ هَدَىٰهُمُ ٱللَّهُ ۖ وَأُوْلَٰٓئِكَ هُمْ أُوْلُواْ ٱلْأَلْبَٰبِ ﴿١٨﴾
پوءِ (اي پيغمبر) منجھن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏي جيڪي ڳالھ ٻڌندا آھن. پوءِ اُن مان تمام چڱيءَ تي ھلندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي ۽ اھي ئي ڌيان وارا آھن.
أَفَمَنْ حَقَّ عَلَيْهِ كَلِمَةُ ٱلْعَذَابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى ٱلنَّارِ ﴿١٩﴾
ڀلا جنھن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو (سو بچي سگھندو ڇا؟)، تون باھ ۾ پيل کي ڇڏائي سگھندين ڇا؟
لَٰكِنِ ٱلَّذِينَ ٱتَّقَوْاْ رَبَّهُمْ لَهُمْ غُرَفٌۭ مِّن فَوْقِهَا غُرَفٌۭ مَّبْنِيَّةٌۭ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ ۖ وَعْدَ ٱللَّهِ ۖ لَا يُخْلِفُ ٱللَّهُ ٱلْمِيعَادَ ﴿٢٠﴾
پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آھن اُنھن جي مٿان (ٻيون) ماڙيون اڏيليون آھن انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، الله (اِھو) انجام ڪيو آھي، الله انجام نه ڦيرائيندو آھي.
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۭ فَسَلَكَهُۥ يَنَٰبِيعَ فِى ٱلْأَرْضِ ثُمَّ يُخْرِجُ بِهِۦ زَرْعًۭا مُّخْتَلِفًا أَلْوَٰنُهُۥ ثُمَّ يَهِيجُ فَتَرَىٰهُ مُصْفَرًّۭا ثُمَّ يَجْعَلُهُۥ حُطَٰمًا ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَذِكْرَىٰ لِأُوْلِى ٱلْأَلْبَٰبِ ﴿٢١﴾
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن کي زمين جي چشمن ۾ وھايائين وري اُن سان ڀاتين ڀاتين رنگ جي پوک ڄمائيندو آھي وري سُڪي ويندي آھي پوءِ اُن کي زرد ٿيل ڏسندو آھين وري اُن کي ذرا ذرا ڪندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي.
أَفَمَن شَرَحَ ٱللَّهُ صَدْرَهُۥ لِلْإِسْلَٰمِ فَهُوَ عَلَىٰ نُورٍۢ مِّن رَّبِّهِۦ ۚ فَوَيْلٌۭ لِّلْقَٰسِيَةِ قُلُوبُهُم مِّن ذِكْرِ ٱللَّهِ ۚ أُوْلَٰٓئِكَ فِى ضَلَٰلٍۢ مُّبِينٍ ﴿٢٢﴾
ڀلا جنھن جو سينو (دين) اسلام لاءِ الله کوليو آھي ۽ اُھو پنھنجي پالڻھار جي (نُور جي سوجھري) تي ھجي (سو سخت دل وارن ڪافرن جھڙو ٿيندو ڇا؟)، پوءِ اُنھن لاءِ ويل آھي جن جون دليون الله جي ياد ڪرڻ کان سخت (ٿيون) آھن، اِھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.
ٱللَّهُ نَزَّلَ أَحْسَنَ ٱلْحَدِيثِ كِتَٰبًۭا مُّتَشَٰبِهًۭا مَّثَانِىَ تَقْشَعِرُّ مِنْهُ جُلُودُ ٱلَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ ثُمَّ تَلِينُ جُلُودُهُمْ وَقُلُوبُهُمْ إِلَىٰ ذِكْرِ ٱللَّهِ ۚ ذَٰلِكَ هُدَى ٱللَّهِ يَهْدِى بِهِۦ مَن يَشَآءُ ۚ وَمَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَمَا لَهُۥ مِنْ هَادٍ ﴿٢٣﴾
الله تمام چڱي ڳالھ (يعني) اھڙو ڪتاب نازل ڪيو جو ھڪ ٻئي جھڙا (سندس مضمون دُھرايل آھن اُن جي ٻڌڻ) کان اُنھن (ماڻھن) جون کَلون ڪانڊاربيون آھن جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن، وري سندين کَلون ۽ سندين دليون الله جي ياد ڪرڻ تي ڪنئريون ٿينديون آھن، اِھا الله جي ھدايت آھي جنھن کي گھري (تنھن کي) اُن سان واٽ ڏيکاري ٿو، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪندڙ ڪونھي.
أَفَمَن يَتَّقِى بِوَجْهِهِۦ سُوٓءَ ٱلْعَذَابِ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ ۚ وَقِيلَ لِلظَّٰلِمِينَ ذُوقُواْ مَا كُنتُمْ تَكْسِبُونَ ﴿٢٤﴾
ڀلا جيڪو قيامت جي ڏينھن پنھنجي مُنھن سان بڇڙي عذاب کي روڪي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟)، ۽ ظالمن کي چئبو ته جيڪي ڪندا ھيؤ (تنھنجي سزا) چڱو.
كَذَّبَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَأَتَىٰهُمُ ٱلْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ ﴿٢٥﴾
جيڪي کانئن اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو (ھو) پوءِ وٽن اُتان عذاب پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا.
فَأَذَاقَهُمُ ٱللَّهُ ٱلْخِزْىَ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۖ وَلَعَذَابُ ٱلْءَاخِرَةِ أَكْبَرُ ۚ لَوْ كَانُواْ يَعْلَمُونَ ﴿٢٦﴾
پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري چکائي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته) تمام وڏو آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته پاڻ کي عذاب کان بچائين ھا).
وَلَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِى هَٰذَا ٱلْقُرْءَانِ مِن كُلِّ مَثَلٍۢ لَّعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ ﴿٢٧﴾
۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر قسم جا مثال بيان ڪياسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
قُرْءَانًا عَرَبِيًّا غَيْرَ ذِى عِوَجٍۢ لَّعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ ﴿٢٨﴾
قرآن عربي (ٻوليءَ ۾) بي عيب (نازل ڪيوسون) ته مانَ اُھي ڊڄن.
ضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًۭا رَّجُلًۭا فِيهِ شُرَكَآءُ مُتَشَٰكِسُونَ وَرَجُلًۭا سَلَمًۭا لِّرَجُلٍ هَلْ يَسْتَوِيَانِ مَثَلًا ۚ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ۚ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ ﴿٢٩﴾
الله مثال بيان ٿو ڪري ھڪ ٻانھو جنھن ۾ (گھڻا) بد مزاج (مالڪ) ڀائيوار آھن ۽ (ٻيو) ٻانھو خلاصو ھڪڙي ماڻھوءَ جي ملڪيت آھي مثال ۾ اھي ٻئي (ٻانھا) برابر ٿيندا ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي ئي جُڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
إِنَّكَ مَيِّتٌۭ وَإِنَّهُم مَّيِّتُونَ ﴿٣٠﴾
(اي پيغمبر) بيشڪ تون (به) مرندين ۽ بيشڪ اُھي (به) مرندا.
ثُمَّ إِنَّكُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ عِندَ رَبِّكُمْ تَخْتَصِمُونَ ﴿٣١﴾
وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن پنھنجي پالڻھار وٽ پاڻ ۾ جھڳڙو ڪندؤ.
۞ فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى ٱللَّهِ وَكَذَّبَ بِٱلصِّدْقِ إِذْ جَآءَهُۥٓ ۚ أَلَيْسَ فِى جَهَنَّمَ مَثْوًۭى لِّلْكَٰفِرِينَ ﴿٣٢﴾
پوءِ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٺاھيو ۽ جڏھن سچو دين وٽس آيو (تڏھن) اُن کي ڪوڙ ڄاتائين، ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟
وَٱلَّذِى جَآءَ بِٱلصِّدْقِ وَصَدَّقَ بِهِۦٓ ۙ أُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُتَّقُونَ ﴿٣٣﴾
۽ جنھن سچو دين آندو ۽ (جنھن) کيس سَچو ڄاتو اِھي ئي پرھيزگار آھن.
لَهُم مَّا يَشَآءُونَ عِندَ رَبِّهِمْ ۚ ذَٰلِكَ جَزَآءُ ٱلْمُحْسِنِينَ ﴿٣٤﴾
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ آھي، ڀلارن جو بدلو اِھو آھي.
لِيُكَفِّرَ ٱللَّهُ عَنْهُمْ أَسْوَأَ ٱلَّذِى عَمِلُواْ وَيَجْزِيَهُمْ أَجْرَهُم بِأَحْسَنِ ٱلَّذِى كَانُواْ يَعْمَلُونَ ﴿٣٥﴾
ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيائون سي الله کانئن ميٽي ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندا ھوا تن بابت سندن (چڱو) اُجورو کين بدلي ۾ ڏئي.
أَلَيْسَ ٱللَّهُ بِكَافٍ عَبْدَهُۥ ۖ وَيُخَوِّفُونَكَ بِٱلَّذِينَ مِن دُونِهِۦ ۚ وَمَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَمَا لَهُۥ مِنْ هَادٍۢ ﴿٣٦﴾
الله پنھنجي ٻانھي (ﷴؐ) کي ڪافي نه آھي ڇا؟ ۽ الله کانسواءِ جيڪي (ٻيا) آھن تن کان توکي ڊيڄاريندا آھن، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو نه آھي.
وَمَن يَهْدِ ٱللَّهُ فَمَا لَهُۥ مِن مُّضِلٍّ ۗ أَلَيْسَ ٱللَّهُ بِعَزِيزٍۢ ذِى ٱنتِقَامٍۢ ﴿٣٧﴾
۽ جنھن کي الله ھدايت ڪري تنھن کي ڪو ڀلائڻ وارو نه آھي، الله غالب بدلي وٺڻ وارو نه آھي ڇا؟
وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ ۚ قُلْ أَفَرَءَيْتُم مَّا تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ إِنْ أَرَادَنِىَ ٱللَّهُ بِضُرٍّ هَلْ هُنَّ كَٰشِفَٰتُ ضُرِّهِۦٓ أَوْ أَرَادَنِى بِرَحْمَةٍ هَلْ هُنَّ مُمْسِكَٰتُ رَحْمَتِهِۦ ۚ قُلْ حَسْبِىَ ٱللَّهُ ۖ عَلَيْهِ يَتَوَكَّلُ ٱلْمُتَوَكِّلُونَ ﴿٣٨﴾
(اي پيغمبر) جيڪڏھن کانئن پُڇين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، (پوءِ کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کي ڏسو (ته سھي) جيڪڏھن الله مون کي ڪا سختي (پھچائڻ) گھري ته اِھي اُن جي (پھچايل) سختيءَ جي لاھڻ وارا آھن ڇا؟ يا مون کي ڪو سُک (پھچائڻ) گھري ته اِھي (بُت) سندس (پھچايل) سُک جي بند ڪرڻ وارا آھن ڇا؟ (تون کين) چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، ڀروسي ڪندڙ مٿس (ئي) ڀروسو ڪندا آھن.
قُلْ يَٰقَوْمِ ٱعْمَلُواْ عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنِّى عَٰمِلٌۭ ۖ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ ﴿٣٩﴾
(کين) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو بيشڪ آءٌ (به پنھنجي جاءِ) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سِگھوئي ڄاڻندؤ.
مَن يَأْتِيهِ عَذَابٌۭ يُخْزِيهِ وَيَحِلُّ عَلَيْهِ عَذَابٌۭ مُّقِيمٌ ﴿٤٠﴾
ته ڪنھن تي (اُھو) عذاب اچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ مٿس ھميشه جو عذاب لھي ٿو.
إِنَّآ أَنزَلْنَا عَلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ لِلنَّاسِ بِٱلْحَقِّ ۖ فَمَنِ ٱهْتَدَىٰ فَلِنَفْسِهِۦ ۖ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا ۖ وَمَآ أَنتَ عَلَيْهِم بِوَكِيلٍ ﴿٤١﴾
بيشڪ اسان توتي ڪتاب ماڻھن لاءِ سچ سان لاٿو، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو خاص پنھنجي (فائدي) لاءِ، ۽ جيڪو گُمراھ ٿيو سو رڳو پنھنجي (نقصان) لاءِ گُمراھ ٿئي ٿو، ۽ تون مٿن ڪو ذمي وار نه آھين.
ٱللَّهُ يَتَوَفَّى ٱلْأَنفُسَ حِينَ مَوْتِهَا وَٱلَّتِى لَمْ تَمُتْ فِى مَنَامِهَا ۖ فَيُمْسِكُ ٱلَّتِى قَضَىٰ عَلَيْهَا ٱلْمَوْتَ وَيُرْسِلُ ٱلْأُخْرَىٰٓ إِلَىٰٓ أَجَلٍۢ مُّسَمًّى ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّقَوْمٍۢ يَتَفَكَّرُونَ ﴿٤٢﴾
الله ماڻھن جا رُوح سندن مرڻ جي مھل ڪڍندو آھي ۽ جيڪو نه مُئو آھي (تنھن جو روح) سندس ننڊ (جي حالت) ۾ (ڪڍندو آھي)، پوءِ جنھن تي موت جو حُڪم ڪيو اٿس تنھن کي جھليندو آھي ۽ اُن ٻئي کي ھڪ مُقرر مُدّت تائين ڇڏيندو آھي، بيشڪ ھن ۾ ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان ڪندا آھن.
أَمِ ٱتَّخَذُواْ مِن دُونِ ٱللَّهِ شُفَعَآءَ ۚ قُلْ أَوَلَوْ كَانُواْ لَا يَمْلِكُونَ شَيْـًۭٔا وَلَا يَعْقِلُونَ ﴿٤٣﴾
الله کانسواءِ ٻيا شفاعت ڪرڻ وارا ورتا اٿن ڇا؟ (کين) چؤ ته جيتوڻيڪ اُھي نڪي ڪجھ اختيار رکندا ھجن ۽ نڪي سمجھندا ھجن (ته به شفاعت ڪندا ڇا؟).
قُل لِّلَّهِ ٱلشَّفَٰعَةُ جَمِيعًۭا ۖ لَّهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۖ ثُمَّ إِلَيْهِ تُرْجَعُونَ ﴿٤٤﴾
(کين) چؤ ته سڀ شفاعت الله جي وس آھي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ان جي آھي، (اوھين) وري ڏانھس موٽائبؤ.
وَإِذَا ذُكِرَ ٱللَّهُ وَحْدَهُ ٱشْمَأَزَّتْ قُلُوبُ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْءَاخِرَةِ ۖ وَإِذَا ذُكِرَ ٱلَّذِينَ مِن دُونِهِۦٓ إِذَا هُمْ يَسْتَبْشِرُونَ ﴿٤٥﴾
۽ جڏھن اڪيلي الله (جي نالي) کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ٽھنديون آھن، جڏھن الله کانسواءِ ٻـين کي ياد ڪبو آھي تڏھن اُنھيءَ ئي مھل اُھي سَرھا ٿيندا آھن.
قُلِ ٱللَّهُمَّ فَاطِرَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ عَٰلِمَ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ أَنتَ تَحْكُمُ بَيْنَ عِبَادِكَ فِى مَا كَانُواْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ ﴿٤٦﴾
(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاھر ڄاڻندڙ تون ئي پنھنجن ٻانھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت (اُھي) جھڳڙو ڪندا رھيا (تنھن بابت) نبيرو ڪندين.
وَلَوْ أَنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُواْ مَا فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًۭا وَمِثْلَهُۥ مَعَهُۥ لَٱفْتَدَوْاْ بِهِۦ مِن سُوٓءِ ٱلْعَذَابِ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ ۚ وَبَدَا لَهُم مِّنَ ٱللَّهِ مَا لَمْ يَكُونُواْ يَحْتَسِبُونَ ﴿٤٧﴾
۽ جيڪي زمين ۾ سڀئي مال آھي سو ۽ اُن جيترو ٻيو ساڻس جيڪڏھن ظالمن کي ھجي ته جيڪر اُھو قيامت جي ڏينھن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) بدلو ڏئي چڪن، ۽ الله جي طرف کان اھڙو (معاملو) انھن کي پڌرو ٿيندو جنھنجو گُمان (ئي) نه رکندا ھوا.
وَبَدَا لَهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا كَسَبُواْ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُواْ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ ﴿٤٨﴾
۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون ھوائون سي انھن کي پڌريون ٿينديون ۽ جنھن (سزا) جون ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويندي.
فَإِذَا مَسَّ ٱلْإِنسَٰنَ ضُرٌّۭ دَعَانَا ثُمَّ إِذَا خَوَّلْنَٰهُ نِعْمَةًۭ مِّنَّا قَالَ إِنَّمَآ أُوتِيتُهُۥ عَلَىٰ عِلْمٍۭ ۚ بَلْ هِىَ فِتْنَةٌۭ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ ﴿٤٩﴾
پوءِ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) اسان کي سڏيندو آھي، وري جڏھن اُن کي پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيندا آھيون (تڏھن) چوندو آھي ته اُھا رڳو پنھنجي سمجھ سان (جا مون ۾ آھي) مون کي ڏني وئي آھي، (ايئن نه آھي) بلڪ اُھا (نعمت) پرک آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
قَدْ قَالَهَا ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَمَآ أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُواْ يَكْسِبُونَ ﴿٥٠﴾
بيشڪ کانئن اڳين (به) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون ٿي تن کانئن ڪجھ به (مُصيبت) نه ٽاري.
فَأَصَابَهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا كَسَبُواْ ۚ وَٱلَّذِينَ ظَلَمُواْ مِنْ هَٰٓؤُلَآءِ سَيُصِيبُهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا كَسَبُواْ وَمَا هُم بِمُعْجِزِينَ ﴿٥١﴾
پوءِ جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين پھتيون، ۽ ھنن مان (به) جيڪي ظالم آھن تن جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين سِگھوئي پھچنديون ۽ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.
أَوَلَمْ يَعْلَمُوٓاْ أَنَّ ٱللَّهَ يَبْسُطُ ٱلرِّزْقَ لِمَن يَشَآءُ وَيَقْدِرُ ۚ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَءَايَٰتٍۢ لِّقَوْمٍۢ يُؤْمِنُونَ ﴿٥٢﴾
نه ڄاتو اٿن ڇا ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي (تَنھنجو) رزق ڪُشادو ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تَنھنجو) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن (ڪم) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ايمان آڻيندا آھن.
۞ قُلْ يَٰعِبَادِىَ ٱلَّذِينَ أَسْرَفُواْ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمْ لَا تَقْنَطُواْ مِن رَّحْمَةِ ٱللَّهِ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ يَغْفِرُ ٱلذُّنُوبَ جَمِيعًا ۚ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلرَّحِيمُ ﴿٥٣﴾
(منھنجي طرفان اُنھن کي) چؤ ته اي منھنجا اُھي ٻانھؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو (اوھين) الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نه ٿيو، ڇوته الله سڀ گناھ بخشيندو آھي، بيشڪ اُھوئي بخشڻھار مھربان آھي.
وَأَنِيبُوٓاْ إِلَىٰ رَبِّكُمْ وَأَسْلِمُواْ لَهُۥ مِن قَبْلِ أَن يَأْتِيَكُمُ ٱلْعَذَابُ ثُمَّ لَا تُنصَرُونَ ﴿٥٤﴾
۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھ ورو ۽ اُن کان اڳي سندس فرمانبردار ٿيو جو اوھان وٽ عذاب اچي (۽) وري مدد نه ڏنا ويندؤ.
وَٱتَّبِعُوٓاْ أَحْسَنَ مَآ أُنزِلَ إِلَيْكُم مِّن رَّبِّكُم مِّن قَبْلِ أَن يَأْتِيَكُمُ ٱلْعَذَابُ بَغْتَةًۭ وَأَنتُمْ لَا تَشْعُرُونَ ﴿٥٥﴾
۽ اوھان جي پالڻھار کان اوھان ڏانھن جيڪا بلڪل چڱي شيء نازل ڪئي وئي آھي تنھن جي اُنھيءَ کان اڳ تابعداري ڪريو جو اوھان وٽ اوچتو عذاب اچي ۽ اوھين بي خبر ھجو.
أَن تَقُولَ نَفْسٌۭ يَٰحَسْرَتَىٰ عَلَىٰ مَا فَرَّطتُ فِى جَنۢبِ ٱللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ ٱلسَّٰخِرِينَ ﴿٥٦﴾
(انھيءَ ڪري خُداءِ ڏانھن مھاڙ ڪريو ۽ قرآن جي تابعداري ڪريو) ته متان پوءِ ڪوبه جيءُ چوي ته ھيءَ ارمان جو الله جي دين ۾ سُستي ڪيم ۽ بيشڪ (آءٌ ته) ٺـٺوليون ڪرڻ وارن مان ھوس.
أَوْ تَقُولَ لَوْ أَنَّ ٱللَّهَ هَدَىٰنِى لَكُنتُ مِنَ ٱلْمُتَّقِينَ ﴿٥٧﴾
يا چوي ته جيڪڏھن الله مون کي ھدايت ڪري ھا ته ضرور پرھيزگارن مان ٿيان ھا.
أَوْ تَقُولَ حِينَ تَرَى ٱلْعَذَابَ لَوْ أَنَّ لِى كَرَّةًۭ فَأَكُونَ مِنَ ٱلْمُحْسِنِينَ ﴿٥٨﴾
يا جڏھن عذاب ڏسي (تڏھن) چوي ته جي منھنجو ٻيو ڀيرو (دنيا ۾ وڃڻ) ٿئي ته جيڪر ڀلارن مان ٿيان.
بَلَىٰ قَدْ جَآءَتْكَ ءَايَٰتِى فَكَذَّبْتَ بِهَا وَٱسْتَكْبَرْتَ وَكُنتَ مِنَ ٱلْكَٰفِرِينَ ﴿٥٩﴾
(چئبس ته) ھائو! بيشڪ تو وٽ منھنجون نشانيون آيون ھيون پوءِ اُنھن کي ڪُوڙو ڄاتئي ۽ وڏائي ڪيئي ۽ ڪافرن مان ٿيئن.
وَيَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ تَرَى ٱلَّذِينَ كَذَبُواْ عَلَى ٱللَّهِ وُجُوهُهُم مُّسْوَدَّةٌ ۚ أَلَيْسَ فِى جَهَنَّمَ مَثْوًۭى لِّلْمُتَكَبِّرِينَ ﴿٦٠﴾
۽ قيامت جي ڏينھن تون انھن کي ڏسندين جن الله تي ڪوڙ ٻَڌو ته سندن مُنھن ڪارا ٿيل ھوندا، وڏائي ڪندڙن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟
وَيُنَجِّى ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ ٱتَّقَوْاْ بِمَفَازَتِهِمْ لَا يَمَسُّهُمُ ٱلسُّوٓءُ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ ﴿٦١﴾
۽ جن پرھيزگاري ڪئي تن کي الله سندن ڇوٽڪاري جي ھنڌ ۾ (دوزخ کان) بچائي پھچائيندو، نڪي کين ڪا مدائي پھچندي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.
ٱللَّهُ خَٰلِقُ كُلِّ شَىْءٍۢ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍۢ وَكِيلٌۭ ﴿٦٢﴾
الله (ئي) سڀڪنھن شيء جو خلقيندڙ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي جي سنڀال ڪندڙ آھي.
لَّهُۥ مَقَالِيدُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ۗ وَٱلَّذِينَ كَفَرُواْ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ أُوْلَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَٰسِرُونَ ﴿٦٣﴾
آسمانن ۽ زمين جون ڪُنجيون انھي ئي وٽ آھن، ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.
قُلْ أَفَغَيْرَ ٱللَّهِ تَأْمُرُوٓنِّىٓ أَعْبُدُ أَيُّهَا ٱلْجَٰهِلُونَ ﴿٦٤﴾
چؤ ته اي بي عقلؤ مون کي (ھي) ڏسيندا آھيو ڇا ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت ڪريان.
وَلَقَدْ أُوحِىَ إِلَيْكَ وَإِلَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِكَ لَئِنْ أَشْرَكْتَ لَيَحْبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكُونَنَّ مِنَ ٱلْخَٰسِرِينَ ﴿٦٥﴾
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توڏانھن وحي ڪيو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻيا پيغمبر) ھوا تن (ھر ھڪ) ڏانھن (به) ته جيڪڏھن (الله سان ڪو) شريڪ مقرر ڪندين ته تنھنجا عمل ضرور ناس ٿيندا ۽ ضرور ڇيئي وارن مان ٿيندين.
بَلِ ٱللَّهَ فَٱعْبُدْ وَكُن مِّنَ ٱلشَّٰكِرِينَ ﴿٦٦﴾
(نه!) بلڪ رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شُڪر ڪرڻ وارن مان ھُج.
وَمَا قَدَرُواْ ٱللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِۦ وَٱلْأَرْضُ جَمِيعًۭا قَبْضَتُهُۥ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ وَٱلسَّمَٰوَٰتُ مَطْوِيَّٰتٌۢ بِيَمِينِهِۦ ۚ سُبْحَٰنَهُۥ وَتَعَٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ ﴿٦٧﴾
۽ (اُنھن) الله کي جئين سندس ڄاڻڻ جو حق آھي (تئين) نه سڃاتو، ۽ قيامت جي ڏينھن ساري زمين سندس مُٺ ۾ ھوندي ۽ آسمان سندس سڄي ھٿ ۾ ويڙھيل ھوندا، اُھو پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ کان مٿاھون آھي جيڪي ساڻس شريڪ ٺھرائيندا آھن.
وَنُفِخَ فِى ٱلصُّورِ فَصَعِقَ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ إِلَّا مَن شَآءَ ٱللَّهُ ۖ ثُمَّ نُفِخَ فِيهِ أُخْرَىٰ فَإِذَا هُمْ قِيَامٌۭ يَنظُرُونَ ﴿٦٨﴾
۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو زمين ۾ آھي سو (سڀڪو) مرندو پر جنھن لاءِ الله گھريو (سو نه)، وري اُن ۾ ٻيو ڀيرو ڦوڪبو ته اُمالڪ کڙا ٿي (پيا) ڏسندا.
وَأَشْرَقَتِ ٱلْأَرْضُ بِنُورِ رَبِّهَا وَوُضِعَ ٱلْكِتَٰبُ وَجِاْىٓءَ بِٱلنَّبِيِّۦنَ وَٱلشُّهَدَآءِ وَقُضِىَ بَيْنَهُم بِٱلْحَقِّ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ ﴿٦٩﴾
۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان نبيرو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.
وَوُفِّيَتْ كُلُّ نَفْسٍۢ مَّا عَمِلَتْ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَا يَفْعَلُونَ ﴿٧٠﴾
سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھنجو پورو بدلو کيس ڏبو ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڄاڻندو آھي.
وَسِيقَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓاْ إِلَىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا ۖ حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءُوهَا فُتِحَتْ أَبْوَٰبُهَا وَقَالَ لَهُمْ خَزَنَتُهَآ أَلَمْ يَأْتِكُمْ رُسُلٌۭ مِّنكُمْ يَتْلُونَ عَلَيْكُمْ ءَايَٰتِ رَبِّكُمْ وَيُنذِرُونَكُمْ لِقَآءَ يَوْمِكُمْ هَٰذَا ۚ قَالُواْ بَلَىٰ وَلَٰكِنْ حَقَّتْ كَلِمَةُ ٱلْعَذَابِ عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ ﴿٧١﴾
۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانھن ھڪالبو، تان جو جڏھن اُن وٽ پھچندا (تڏھن) اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا داروغا کين چوندا ته اوھان مان اوھان وٽ ڪي پيغمبر نه آيا ھوا ڇا؟ جو اوھان کي اوھان جي پالڻھار جون آيتون پڙھي ٻڌائين ۽ اوھان کي ھن ڏينھن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارين، چوندا ته ھائو (آيا ھوا ڊيڄاريو به ھوائون) پر ڪافرن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو.
قِيلَ ٱدْخُلُوٓاْ أَبْوَٰبَ جَهَنَّمَ خَٰلِدِينَ فِيهَا ۖ فَبِئْسَ مَثْوَى ٱلْمُتَكَبِّرِينَ ﴿٧٢﴾
(پوءِ انھن کي) چئبو ته دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ آھيو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
وَسِيقَ ٱلَّذِينَ ٱتَّقَوْاْ رَبَّهُمْ إِلَى ٱلْجَنَّةِ زُمَرًا ۖ حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءُوهَا وَفُتِحَتْ أَبْوَٰبُهَا وَقَالَ لَهُمْ خَزَنَتُهَا سَلَٰمٌ عَلَيْكُمْ طِبْتُمْ فَٱدْخُلُوهَا خَٰلِدِينَ ﴿٧٣﴾
۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا سي ٽوليون ٽوليون بھشت ڏانھن روانا ڪبا، تانجو جڏھن اُن وقت ايندا ۽ اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا دواروغا کين چوندا ته اوھان تي سلام ھجي اوھين (ھاڻي) خوش رھو پوءِ منجھس ھميشه رھڻ لاءِ گھڙو.
وَقَالُواْ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى صَدَقَنَا وَعْدَهُۥ وَأَوْرَثَنَا ٱلْأَرْضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ ٱلْجَنَّةِ حَيْثُ نَشَآءُ ۖ فَنِعْمَ أَجْرُ ٱلْعَٰمِلِينَ ﴿٧٤﴾
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن پنھنجو انجام اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين بھشت مان جتي وڻندو اٿون اُتي جڳه وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.
وَتَرَى ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ حَآفِّينَ مِنْ حَوْلِ ٱلْعَرْشِ يُسَبِّحُونَ بِحَمْدِ رَبِّهِمْ ۖ وَقُضِىَ بَيْنَهُم بِٱلْحَقِّ وَقِيلَ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ ﴿٧٥﴾
۽ ملائڪن کي عرش جي چوڌاري وڪوڙيندڙ ڏسندين پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُنھن جي وچ ۾ انصاف جو حُڪم ڪبو ۽ (آخر ۾) چيو ويندو ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.