سورة الزخرف

Sindhi

سورة الزخرف - عدد الآيات 89

حمٓ ﴿١﴾

حٰمٓ.

وَٱلْكِتَٰبِ ٱلْمُبِينِ ﴿٢﴾

پڌري ڪتاب جو قسم آھي.

إِنَّا جَعَلْنَٰهُ قُرْءَٰنًا عَرَبِيًّۭا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُونَ ﴿٣﴾

ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي عربيءَ (ٻوليءَ ۾) قرآن ڪيو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.

وَإِنَّهُۥ فِىٓ أُمِّ ٱلْكِتَٰبِ لَدَيْنَا لَعَلِىٌّ حَكِيمٌ ﴿٤﴾

۽ بيشڪ اُھو (ڪتاب) لَوح مَحۡفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي.

أَفَنَضْرِبُ عَنكُمُ ٱلذِّكْرَ صَفْحًا أَن كُنتُمْ قَوْمًۭا مُّسْرِفِينَ ﴿٥﴾

اوھان کان نصيحت کي ھن ڪري مُنھن موڙي جھلينداسون ڇا ته اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.

وَكَمْ أَرْسَلْنَا مِن نَّبِىٍّۢ فِى ٱلْأَوَّلِينَ ﴿٦﴾

۽ اڳين (قومن) ۾ گھڻائي پيغمبر موڪلياسون.

وَمَا يَأْتِيهِم مِّن نَّبِىٍّ إِلَّا كَانُواْ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ ﴿٧﴾

۽ وٽن ڪوبه پيغمبر نه ٿي آيو مگر ساڻس ٺـٺوليون ٿي ڪيائون.

فَأَهْلَكْنَآ أَشَدَّ مِنْهُم بَطْشًۭا وَمَضَىٰ مَثَلُ ٱلْأَوَّلِينَ ﴿٨﴾

پوءِ اُنھن (قريشن) کان سگھ ۾ تمام ڏاڍن (عاد ۽ ثمود) کي (جو کائن بلڪل سگھارا ھوا) ناس ڪياسون ۽ اڳين جي حالت (اڳين بيان ۾) گذري چڪي آھي.

وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ لَيَقُولُنَّ خَلَقَهُنَّ ٱلْعَزِيزُ ٱلْعَلِيمُ ﴿٩﴾

۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ٿه آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو ته ضرور چوندا ته انھن کي غالب ڄاڻندڙ (الله) بڻايو.

ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَرْضَ مَهْدًۭا وَجَعَلَ لَكُمْ فِيهَا سُبُلًۭا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ ﴿١٠﴾

(اُنھيءَ الله) جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ اوھان لاءِ منجھس رستا بڻايا ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو.

وَٱلَّذِى نَزَّلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۢ بِقَدَرٍۢ فَأَنشَرْنَا بِهِۦ بَلْدَةًۭ مَّيْتًۭا ۚ كَذَٰلِكَ تُخْرَجُونَ ﴿١١﴾

۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران ڳوٺ آباد ڪياسون، اھڙي طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو.

وَٱلَّذِى خَلَقَ ٱلْأَزْوَٰجَ كُلَّهَا وَجَعَلَ لَكُم مِّنَ ٱلْفُلْكِ وَٱلْأَنْعَٰمِ مَا تَرْكَبُونَ ﴿١٢﴾

۽ (اُنھيءَ الله) جنھن ھر قسم جا جانور بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ٻيڙيون ۽ اُھي جانور بڻايائين جن تي (اوھين) چڙھو.

لِتَسْتَوُۥاْ عَلَىٰ ظُهُورِهِۦ ثُمَّ تَذْكُرُواْ نِعْمَةَ رَبِّكُمْ إِذَا ٱسْتَوَيْتُمْ عَلَيْهِ وَتَقُولُواْ سُبْحَٰنَ ٱلَّذِى سَخَّرَ لَنَا هَٰذَا وَمَا كُنَّا لَهُۥ مُقْرِنِينَ ﴿١٣﴾

ته اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن جي نوائڻ جي (ڪڏھن) طاقت رکندڙ نه ھواسون.

وَإِنَّآ إِلَىٰ رَبِّنَا لَمُنقَلِبُونَ ﴿١٤﴾

۽ بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.

وَجَعَلُواْ لَهُۥ مِنْ عِبَادِهِۦ جُزْءًا ۚ إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لَكَفُورٌۭ مُّبِينٌ ﴿١٥﴾

۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي.

أَمِ ٱتَّخَذَ مِمَّا يَخْلُقُ بَنَاتٍۢ وَأَصْفَىٰكُم بِٱلْبَنِينَ ﴿١٦﴾

(الله) پنھنجي مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا)؟

وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِمَا ضَرَبَ لِلرَّحْمَٰنِ مَثَلًۭا ظَلَّ وَجْهُهُۥ مُسْوَدًّۭا وَهُوَ كَظِيمٌ ﴿١٧﴾

۽ جڏھن منجھائن ڪنھنکي اُنھيءَ شيءَ (يعني ڌيءُ جي ڄمڻ) جي خبر ڏجي جيڪا ٻاجھاري (الله) لاءِ مثال بيان ڪئي اٿس (تڏھن) سندن منھن ڪاراٽجي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريو ھوندو آھي.

أَوَمَن يُنَشَّؤُاْ فِى ٱلْحِلْيَةِ وَهُوَ فِى ٱلْخِصَامِ غَيْرُ مُبِينٍۢ ﴿١٨﴾

جيڪو ڳھن ۾ پالجي ٿو ۽ اُھو جھڳڙي ۾ (پنھنجي ڳالھ کي) پڌرو ڪرڻ وارو نه آھي.

وَجَعَلُواْ ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ ٱلَّذِينَ هُمْ عِبَٰدُ ٱلرَّحْمَٰنِ إِنَٰثًا ۚ أَشَهِدُواْ خَلْقَهُمْ ۚ سَتُكْتَبُ شَهَٰدَتُهُمْ وَيُسْـَٔلُونَ ﴿١٩﴾

۽ ملائڪن کي (الله جون) ڌيئرون مُقرّر ڪيون اٿن جي (پاڻ) الله جا ٻانھا آھن، (اھي) سندن پيدا ٿيڻ وقت حاضر ھوا ڇا؟ سندين (اھا) شاھدي سِگھو لکبي ۽ (ھُو قيامت ۾) پُڇيا ويندا.

وَقَالُواْ لَوْ شَآءَ ٱلرَّحْمَٰنُ مَا عَبَدْنَٰهُم ۗ مَّا لَهُم بِذَٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ ۖ إِنْ هُمْ إِلَّا يَخْرُصُونَ ﴿٢٠﴾

۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) گھري ھا ته انھن (ملائڪن) جي عبادت نه ڪريون ھا کين ھن (ڳالھ) جي ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.

أَمْ ءَاتَيْنَٰهُمْ كِتَٰبًۭا مِّن قَبْلِهِۦ فَهُم بِهِۦ مُسْتَمْسِكُونَ ﴿٢١﴾

کين ھن (قرآن) کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُنھن اُن کي چنبڙي ورتو آھي.

بَلْ قَالُوٓاْ إِنَّا وَجَدْنَآ ءَابَآءَنَا عَلَىٰٓ أُمَّةٍۢ وَإِنَّا عَلَىٰٓ ءَاثَٰرِهِم مُّهْتَدُونَ ﴿٢٢﴾

(نه!) بلڪ چوندا آھن ته بيشڪ اسان پنھنجن ابن ڏاڏن کي ھڪ مذھب تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن پيرن تي رستي لھڻ وارا آھيون.

وَكَذَٰلِكَ مَآ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ فِى قَرْيَةٍۢ مِّن نَّذِيرٍ إِلَّا قَالَ مُتْرَفُوهَآ إِنَّا وَجَدْنَآ ءَابَآءَنَا عَلَىٰٓ أُمَّةٍۢ وَإِنَّا عَلَىٰٓ ءَاثَٰرِهِم مُّقْتَدُونَ ﴿٢٣﴾

۽ اھڙي طرح توکان اڳ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون پر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ھڪ دين تي ڏٺا ۽ بيشڪ اسين انھن (ئي) جي پيرن تي پيروي ڪندڙ آھيون.

۞ قَٰلَ أَوَلَوْ جِئْتُكُم بِأَهْدَىٰ مِمَّا وَجَدتُّمْ عَلَيْهِ ءَابَآءَكُمْ ۖ قَالُوٓاْ إِنَّا بِمَآ أُرْسِلْتُم بِهِۦ كَٰفِرُونَ ﴿٢٤﴾

(پيغمبر کين) چيو ته (پنھنجن ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندؤ) ڇا؟ جيتوڻيڪ اوھان وٽ اُھو (دين) آندو اٿم جنھن (دين) تي اوھان پنھنجن پين ڏاڏن کي ڏٺو تنھن کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکارڻ وارو آھي، چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھنجا اسين مُنڪر آھيون.

فَٱنتَقَمْنَا مِنْهُمْ ۖ فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُكَذِّبِينَ ﴿٢٥﴾

پوءِ کائن بدلو ورتوسون پوءِ ڏس ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪئن ٿي.

وَإِذْ قَالَ إِبْرَٰهِيمُ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِۦٓ إِنَّنِى بَرَآءٌۭ مِّمَّا تَعْبُدُونَ ﴿٢٦﴾

۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيو ته جنھن شيء کي (اوھين) پوڄيندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.

إِلَّا ٱلَّذِى فَطَرَنِى فَإِنَّهُۥ سَيَهْدِينِ ﴿٢٧﴾

پر جنھن مون کي پيدا ڪيو سو بيشڪ مون کي سگھوئي ھدايت ڪندو.

وَجَعَلَهَا كَلِمَةًۢ بَاقِيَةًۭ فِى عَقِبِهِۦ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ ﴿٢٨﴾

۽ الله سندس اولاد ۾ اِھا (توحيد جي ڪلمي جي) ڳالھ ھميشه رھائي ته مانَ اُھي (ڪافر) موٽن.

بَلْ مَتَّعْتُ هَٰٓؤُلَآءِ وَءَابَآءَهُمْ حَتَّىٰ جَآءَهُمُ ٱلْحَقُّ وَرَسُولٌۭ مُّبِينٌۭ ﴿٢٩﴾

بلڪ مان انھن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو وٽن سچّو دين ۽ پڌرو پيغمبر (ﷺ) آيو.

وَلَمَّا جَآءَهُمُ ٱلْحَقُّ قَالُواْ هَٰذَا سِحْرٌۭ وَإِنَّا بِهِۦ كَٰفِرُونَ ﴿٣٠﴾

۽ جنھن مھل سچو دين وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءَ جادو آھي ۽ بيشڪ اسين اُن جا مُنڪر آھيون.

وَقَالُواْ لَوْلَا نُزِّلَ هَٰذَا ٱلْقُرْءَانُ عَلَىٰ رَجُلٍۢ مِّنَ ٱلْقَرْيَتَيْنِ عَظِيمٍ ﴿٣١﴾

۽ چيائون ته (ھنن) ٻن ڳوٺن وارن مان ڪنھن سردار مڙس تي ھيءُ قرآن ڇونه نازل ڪيو ويو.

أَهُمْ يَقْسِمُونَ رَحْمَتَ رَبِّكَ ۚ نَحْنُ قَسَمْنَا بَيْنَهُم مَّعِيشَتَهُمْ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۚ وَرَفَعْنَا بَعْضَهُمْ فَوْقَ بَعْضٍۢ دَرَجَٰتٍۢ لِّيَتَّخِذَ بَعْضُهُم بَعْضًۭا سُخْرِيًّۭا ۗ وَرَحْمَتُ رَبِّكَ خَيْرٌۭ مِّمَّا يَجْمَعُونَ ﴿٣٢﴾

اِھي تنھنجي پالڻھار جي رحمت وراھيندا آھن ڇا؟ اسان سندن گذران سندن وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراھيو آھي ۽ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڏي مرتبي وارو ڪيوسون ته ھڪڙا ٻـين کي فرمانبردار ڪري وٺن، ۽ جيڪو (دنيا جو مال) گڏ ڪندا آھن تنھن کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت ڀلي آھي.

وَلَوْلَآ أَن يَكُونَ ٱلنَّاسُ أُمَّةًۭ وَٰحِدَةًۭ لَّجَعَلْنَا لِمَن يَكْفُرُ بِٱلرَّحْمَٰنِ لِبُيُوتِهِمْ سُقُفًۭا مِّن فِضَّةٍۢ وَمَعَارِجَ عَلَيْهَا يَظْهَرُونَ ﴿٣٣﴾

۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته (متان) ماڻھو ھڪ ٽولي (ڪفر جي) ٿي وڃن جيڪي ٻاجھاري (الله) جو انڪار ڪندا آھن تن لاءِ سندن گھرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙھن سي روپيون ڪريون ھا.

وَلِبُيُوتِهِمْ أَبْوَٰبًۭا وَسُرُرًا عَلَيْهَا يَتَّكِـُٔونَ ﴿٣٤﴾

۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ تخت جن تي ٽيڪ ڏيئي ويھن (سي به روپا ڪريون ھا).

وَزُخْرُفًۭا ۚ وَإِن كُلُّ ذَٰلِكَ لَمَّا مَتَٰعُ ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا ۚ وَٱلْءَاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلْمُتَّقِينَ ﴿٣٥﴾

۽ اِھو سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو (ٿورو) آسودو رھڻ آھي، ۽ تنھنجي پروردگار وٽ آخرت پرھيزگارن لاءِ آھي.

وَمَن يَعْشُ عَن ذِكْرِ ٱلرَّحْمَٰنِ نُقَيِّضْ لَهُۥ شَيْطَٰنًۭا فَهُوَ لَهُۥ قَرِينٌۭ ﴿٣٦﴾

۽ جيڪو ٻاجھاري (الله) جي ياد ڪرڻ کان غافل رھندو آھي تنھن لاءِ ھڪ شيطان مقرر ڪندا آھيون جو اُھو اُن جو سنگتي ھوندو آھي.

وَإِنَّهُمْ لَيَصُدُّونَهُمْ عَنِ ٱلسَّبِيلِ وَيَحْسَبُونَ أَنَّهُم مُّهْتَدُونَ ﴿٣٧﴾

۽ بيشڪ اُھي شيطان سڌي واٽ کان اُنھن کي جھليندا آھن ۽ (ماڻھو پاڻ کي) ڀانئيندا آھن ته اُھي ھدايت وارا آھن.

حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَنَا قَالَ يَٰلَيْتَ بَيْنِى وَبَيْنَكَ بُعْدَ ٱلْمَشْرِقَيْنِ فَبِئْسَ ٱلْقَرِينُ ﴿٣٨﴾

تانجو جڏھن اسان وٽ ايندو (تڏھن پنھنجيءَ سنگتي شيطان کي) چوندو ته ھيء افسوس (جيڪر) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري ڏورائي ھجي ھا پوءِ بڇڙو سنگتي آھين (تون).

وَلَن يَنفَعَكُمُ ٱلْيَوْمَ إِذ ظَّلَمْتُمْ أَنَّكُمْ فِى ٱلْعَذَابِ مُشْتَرِكُونَ ﴿٣٩﴾

۽ ھرگز نه نفعو ڏيندي اوھان کي اڄ اھا سڌ جڏھن ظُلم ڪيو اوھان تحقيق اوھان عذاب ۾ شريڪ ٿيڻ وارا آھيو.

أَفَأَنتَ تُسْمِعُ ٱلصُّمَّ أَوْ تَهْدِى ٱلْعُمْىَ وَمَن كَانَ فِى ضَلَٰلٍۢ مُّبِينٍۢ ﴿٤٠﴾

(اي پيغمبر) تون ٻوڙن کي ٻڌائي ٿو سگھين ڇا يا انڌن کي ۽ اُھو جيڪو پڌريءَ گُمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي ھدايت ڪري سگھين ٿو ڇا؟

فَإِمَّا نَذْهَبَنَّ بِكَ فَإِنَّا مِنْهُم مُّنتَقِمُونَ ﴿٤١﴾

پوءِ جيڪڏھن توکي (ھن جھان مان) نيون ته بيشڪ اسين (اتي ئي) کائن بدلو وٺڻ وارا آھيون.

أَوْ نُرِيَنَّكَ ٱلَّذِى وَعَدْنَٰهُمْ فَإِنَّا عَلَيْهِم مُّقْتَدِرُونَ ﴿٤٢﴾

يا جيڪو کين انجام ڏنو اٿون سو توکي ڏيکاريون ته به بيشڪ اسين مٿن وسوارا آھيون.

فَٱسْتَمْسِكْ بِٱلَّذِىٓ أُوحِىَ إِلَيْكَ ۖ إِنَّكَ عَلَىٰ صِرَٰطٍۢ مُّسْتَقِيمٍۢ ﴿٤٣﴾

تنھن ڪري جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو تنھن کي تون چنبڙي وٺ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.

وَإِنَّهُۥ لَذِكْرٌۭ لَّكَ وَلِقَوْمِكَ ۖ وَسَوْفَ تُسْـَٔلُونَ ﴿٤٤﴾

۽ بيشڪ اِھو (قرآن) تولاءِ ۽ تنھنجي قوم لاءِ نصيحت آھي، ۽ (اوھين) سگھوئي پڇيا ويندؤ.

وَسْـَٔلْ مَنْ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ مِن رُّسُلِنَآ أَجَعَلْنَا مِن دُونِ ٱلرَّحْمَٰنِ ءَالِهَةًۭ يُعْبَدُونَ ﴿٤٥﴾

۽ پنھنجن پيغمبرن مان جيڪي توکان اڳ موڪليا ھواسون تن جو (احوال) پُڇ، ته ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ڪي) ٻيا معبود بڻايا ھواسون ڇا جن جي پوڄا ڪئي وڃي؟

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ بِـَٔايَٰتِنَآ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَإِيْهِۦ فَقَالَ إِنِّى رَسُولُ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ ﴿٤٦﴾

۽ بيشڪ مُوسىٰ کي پنھنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.

فَلَمَّا جَآءَهُم بِـَٔايَٰتِنَآ إِذَا هُم مِّنْهَا يَضْحَكُونَ ﴿٤٧﴾

پوءِ جنھن مھل وٽن اسان جي نشانين سان آيو (تنھن مھل) اوچتو اُھي اُنھن (معجزن) کان کلندا رھيا.

وَمَا نُرِيهِم مِّنْ ءَايَةٍ إِلَّا هِىَ أَكْبَرُ مِنْ أُخْتِهَا ۖ وَأَخَذْنَٰهُم بِٱلْعَذَابِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ ﴿٤٨﴾

۽ ڪابه نشاني کين نه ٿي ڏيکاري سون پر اِھا (نشاني) اُن جي اڳين کان تمام وڏي ھئي، ۽ کين عذاب سان پڪڙيوسون ته مانَ اُھي (ڪفر کان) موٽن.

وَقَالُواْ يَٰٓأَيُّهَ ٱلسَّاحِرُ ٱدْعُ لَنَا رَبَّكَ بِمَا عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنَا لَمُهْتَدُونَ ﴿٤٩﴾

۽ چيائون ته اي جادوگر پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ اُنھيءَ (وسيلي) سان دُعا گھر جنھن جو توسان انجام ڪيو اٿس، ته بيشڪ اسين ھدايت وارا ٿينداسون.

فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُمُ ٱلْعَذَابَ إِذَا هُمْ يَنكُثُونَ ﴿٥٠﴾

پوءِ جنھن مھل کائن عذاب لاٿوسون اوچتو اُنھن عھد ڀڳو.

وَنَادَىٰ فِرْعَوْنُ فِى قَوْمِهِۦ قَالَ يَٰقَوْمِ أَلَيْسَ لِى مُلْكُ مِصْرَ وَهَٰذِهِ ٱلْأَنْهَٰرُ تَجْرِى مِن تَحْتِىٓ ۖ أَفَلَا تُبْصِرُونَ ﴿٥١﴾

۽ فرعون پنھنجي قوم ۾ پڙھو ڏنو چيائين ته اي منھنجي قوم مِصۡر جي بادشاھي منھنجي نه آھي ڇا؟ ۽ ھي نھرون منھنجي (ماڙين جي) ھيٺان (نه) وھنديون آھن (ڇا؟) اوھين نه ڏسندا آھيو ڇا؟

أَمْ أَنَا۠ خَيْرٌۭ مِّنْ هَٰذَا ٱلَّذِى هُوَ مَهِينٌۭ وَلَا يَكَادُ يُبِينُ ﴿٥٢﴾

(نه!) بلڪ آءٌ ھن (مُوسى) کان ڀَلو آھيان جو اُھو خوار آھي، ۽ چٽو ڳالھائي به نه ٿو سگھي.

فَلَوْلَآ أُلْقِىَ عَلَيْهِ أَسْوِرَةٌۭ مِّن ذَهَبٍ أَوْ جَآءَ مَعَهُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ مُقْتَرِنِينَ ﴿٥٣﴾

پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇونه لاٿا ويا يا ساڻس گڏ ٿي ملائڪ ڇونه آيا؟

فَٱسْتَخَفَّ قَوْمَهُۥ فَأَطَاعُوهُ ۚ إِنَّهُمْ كَانُواْ قَوْمًۭا فَٰسِقِينَ ﴿٥٤﴾

پوءِ پنھنجي قوم کي بي عقل ڪيائين تنھنڪري سندس فرمانبرداري ڪيائون، بيشڪ اُھي بي دين قوم ھوا.

فَلَمَّآ ءَاسَفُونَا ٱنتَقَمْنَا مِنْهُمْ فَأَغْرَقْنَٰهُمْ أَجْمَعِينَ ﴿٥٥﴾

پوءِ جڏھن اسان کي ڪاوڙايائون (تڏھن) کائن وير ورتوسون پوءِ اُنھن سڀني کي ٻوڙيوسون.

فَجَعَلْنَٰهُمْ سَلَفًۭا وَمَثَلًۭا لِّلْءَاخِرِينَ ﴿٥٦﴾

پوءِ کين (ڪافرن جو) اڳواڻ ۽ پوين لاءِ آکاڻي ڪيوسون.

۞ وَلَمَّا ضُرِبَ ٱبْنُ مَرْيَمَ مَثَلًا إِذَا قَوْمُكَ مِنْهُ يَصِدُّونَ ﴿٥٧﴾

۽ جڏھن مريم جي پُٽ جو قصّو بيان ڪيو ويو (تڏھن) اُمالڪ اُن (قِصّي) کان تنھنجي قوم لُڙ مچائيندي آھي.

وَقَالُوٓاْ ءَأَٰلِهَتُنَا خَيْرٌ أَمْ هُوَ ۚ مَا ضَرَبُوهُ لَكَ إِلَّا جَدَلًۢا ۚ بَلْ هُمْ قَوْمٌ خَصِمُونَ ﴿٥٨﴾

۽ (اُھي) چوندا آھن ته اسان جا معبُود ڀلا آھن يا عيسى؟ اِھو مثال توسان رڳو جھيڙي لاءِ بيان ڪندا آھن، بلڪ اُھي جھيڙاڪ قوم آھن.

إِنْ هُوَ إِلَّا عَبْدٌ أَنْعَمْنَا عَلَيْهِ وَجَعَلْنَٰهُ مَثَلًۭا لِّبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ﴿٥٩﴾

عيسىٰ رڳو ٻانھو آھي جنھن تي ٻاجھ ڪئي اٿون ۽ بني اسرائيلن لاءِ کيس (ھڪ) عبرت ڪئي سون.

وَلَوْ نَشَآءُ لَجَعَلْنَا مِنكُم مَّلَٰٓئِكَةًۭ فِى ٱلْأَرْضِ يَخْلُفُونَ ﴿٦٠﴾

۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته اوھان جي بدران زمين ۾ ملائڪن کي نائب ڪريون ھا.

وَإِنَّهُۥ لَعِلْمٌۭ لِّلسَّاعَةِ فَلَا تَمْتَرُنَّ بِهَا وَٱتَّبِعُونِ ۚ هَٰذَا صِرَٰطٌۭ مُّسْتَقِيمٌۭ ﴿٦١﴾

۽ بيشڪ عيسىٰ قيامت جي ھڪ نشاني آھي پوءِ اوھين قيامت ۾ شڪ نه ڪريو ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) منھنجي تابعداري ڪريو (جو) اِھا سِڌي واٽ آھي.

وَلَا يَصُدَّنَّكُمُ ٱلشَّيْطَٰنُ ۖ إِنَّهُۥ لَكُمْ عَدُوٌّۭ مُّبِينٌۭ ﴿٦٢﴾

۽ اوھان کي شيطان نه جھلي، ڇوته اھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.

وَلَمَّا جَآءَ عِيسَىٰ بِٱلْبَيِّنَٰتِ قَالَ قَدْ جِئْتُكُم بِٱلْحِكْمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعْضَ ٱلَّذِى تَخْتَلِفُونَ فِيهِ ۖ فَٱتَّقُواْ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ ﴿٦٣﴾

۽ جنھن مھل عيسىٰ چٽن معجزن سان آيو (تنھن مھل) چيائين ته اوھان وٽ حڪمت آندي اٿم ۽ (آيو آھيان) ته جن ڳالھين ۾ اختلاف ڪند آھيو تن مان ڪي اوھان لاءِ بيان ڪريان، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ رَبِّى وَرَبُّكُمْ فَٱعْبُدُوهُ ۚ هَٰذَا صِرَٰطٌۭ مُّسْتَقِيمٌۭ ﴿٦٤﴾

بيشڪ الله ئي منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سنديس عبادت ڪريو، اِھا سِڌي واٽ آھي.

فَٱخْتَلَفَ ٱلْأَحْزَابُ مِنۢ بَيْنِهِمْ ۖ فَوَيْلٌۭ لِّلَّذِينَ ظَلَمُواْ مِنْ عَذَابِ يَوْمٍ أَلِيمٍ ﴿٦٥﴾

پوءِ ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، تنھنڪري ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب کان ظالمن لاءِ خرابي آھي.

هَلْ يَنظُرُونَ إِلَّا ٱلسَّاعَةَ أَن تَأْتِيَهُم بَغْتَةًۭ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ ﴿٦٦﴾

(اُھي) رڳو قيامت (جي اچڻ) جو انتظار ڪندا آھن ته اوچتو وٽن اچي ۽ اُھي بي خبر ھجن.

ٱلْأَخِلَّآءُ يَوْمَئِذٍۭ بَعْضُهُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ إِلَّا ٱلْمُتَّقِينَ ﴿٦٧﴾

اُنھيءَ ڏينھن پرھيزگارن کانسواءِ (ٻيا) سڀئي دوست ھڪ ٻئي جا دشمن ھوندا.

يَٰعِبَادِ لَا خَوْفٌ عَلَيْكُمُ ٱلْيَوْمَ وَلَآ أَنتُمْ تَحْزَنُونَ ﴿٦٨﴾

(چيو ويندو ته) اي منھنجا (اُھي) ٻانھا اڄ اوھان کي نڪي ڀؤ آھي نڪي اوھين غمگين ٿيو.

ٱلَّذِينَ ءَامَنُواْ بِـَٔايَٰتِنَا وَكَانُواْ مُسْلِمِينَ ﴿٦٩﴾

جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ مُسلمان ھوا.

ٱدْخُلُواْ ٱلْجَنَّةَ أَنتُمْ وَأَزْوَٰجُكُمْ تُحْبَرُونَ ﴿٧٠﴾

(چيو ويندو ته) اوھين ۽ اوھان جون زالون بھشت ۾ خُوش ٿي گھِڙو.

يُطَافُ عَلَيْهِم بِصِحَافٍۢ مِّن ذَهَبٍۢ وَأَكْوَابٍۢ ۖ وَفِيهَا مَا تَشْتَهِيهِ ٱلْأَنفُسُ وَتَلَذُّ ٱلْأَعْيُنُ ۖ وَأَنتُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ ﴿٧١﴾

مٿن سون جون رڪيبيون ۽ آبخورا ڦيرائبا، ۽ جيڪي دليون گھرنديون ۽ (جنھن جي ڏسڻ کان) اکيون ٺرنديون سو منجھس ھوندو، اوھين منجھس سدائين رھندؤ.

وَتِلْكَ ٱلْجَنَّةُ ٱلَّتِىٓ أُورِثْتُمُوهَا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ ﴿٧٢﴾

۽ ھي اُھو بھشت آھي جنھن جو اوھان کي انھي سببان وارث ڪيو ويو جو اوھين (چڱا) ڪم ڪندا ھيؤ.

لَكُمْ فِيهَا فَٰكِهَةٌۭ كَثِيرَةٌۭ مِّنْهَا تَأْكُلُونَ ﴿٧٣﴾

منجھس اوھان لاءِ گھڻا ميوا آھن جن منجھان پيا ٿا کائو.

إِنَّ ٱلْمُجْرِمِينَ فِى عَذَابِ جَهَنَّمَ خَٰلِدُونَ ﴿٧٤﴾

بيشڪ ڏوھي دوزخ جي عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

لَا يُفَتَّرُ عَنْهُمْ وَهُمْ فِيهِ مُبْلِسُونَ ﴿٧٥﴾

کائن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ اُھي منجھس نا اُميد (ٿي) رھندا.

وَمَا ظَلَمْنَٰهُمْ وَلَٰكِن كَانُواْ هُمُ ٱلظَّٰلِمِينَ ﴿٧٦﴾

۽ مٿن ظلم نه ڪيوسون پر اُھي پاڻ ظالم ھوا.

وَنَادَوْاْ يَٰمَٰلِكُ لِيَقْضِ عَلَيْنَا رَبُّكَ ۖ قَالَ إِنَّكُم مَّٰكِثُونَ ﴿٧٧﴾

۽ (دوزخ جي دربان کي) سڏيندا ته اي مالڪ جڳائي ته تنھنجو پالڻھار اسان تي (موت جو) حڪم ڪري (ته عذاب کان ڇُٽون، مالڪ) چوندو ته بيشڪ اوھين ھميشه رھڻ وارا آھيو.

لَقَدْ جِئْنَٰكُم بِٱلْحَقِّ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَكُمْ لِلْحَقِّ كَٰرِهُونَ ﴿٧٨﴾

بيشڪ اوھان وٽ سچو دين آندوسون پر اوھان مان گھڻا سچي ڳالھ کي ناپسند ڪرڻ وارا آھن.

أَمْ أَبْرَمُوٓاْ أَمْرًۭا فَإِنَّا مُبْرِمُونَ ﴿٧٩﴾

(ڪافرن به) ڪنھن ڪم جي رِٿ رٿي آھي ڇا؟ پوءِ بيشڪ اسين به پڪي رِٿ رٿيندا آھيون.

أَمْ يَحْسَبُونَ أَنَّا لَا نَسْمَعُ سِرَّهُمْ وَنَجْوَىٰهُم ۚ بَلَىٰ وَرُسُلُنَا لَدَيْهِمْ يَكْتُبُونَ ﴿٨٠﴾

ڀائيندا آھن ڇا ته اسين سندن ڳجھيون ڳالھيون ۽ سندن صلاحون نه ٻڌندا آھيون؟ ھائو (ٻڌندا آھيون) ۽ اسان جا موڪليل ملائڪ وٽن لکندا آھن.

قُلْ إِن كَانَ لِلرَّحْمَٰنِ وَلَدٌۭ فَأَنَا۠ أَوَّلُ ٱلْعَٰبِدِينَ ﴿٨١﴾

(تون) چؤ ته جيڪڏھن ٻاجھاري (الله) کي ڪو وياءُ ھجي، ته آءٌ (سڀ کان) پھرين (اُن جي) عبادت ڪندڙ ھجان.

سُبْحَٰنَ رَبِّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ رَبِّ ٱلْعَرْشِ عَمَّا يَصِفُونَ ﴿٨٢﴾

(اِھي) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار عرش جو مالڪ پاڪ آھي.

فَذَرْهُمْ يَخُوضُواْ وَيَلْعَبُواْ حَتَّىٰ يُلَٰقُواْ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ ﴿٨٣﴾

پوءِ کين ڇڏ ته (ايسين ڪوڙين ڳالھين ۾) بڪ ڪن ۽ راند ڪن جيسين پنھنجي اُنھي ڏينھن کي ملن جنھنجو کين انجام ڏجي ٿو.

وَهُوَ ٱلَّذِى فِى ٱلسَّمَآءِ إِلَٰهٌۭ وَفِى ٱلْأَرْضِ إِلَٰهٌۭ ۚ وَهُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْعَلِيمُ ﴿٨٤﴾

۽ (الله) اُھو آھي جيڪو آسمانن ۾ معبود آھي ۽ زمين ۾ (به) معبود آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

وَتَبَارَكَ ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَعِندَهُۥ عِلْمُ ٱلسَّاعَةِ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ ﴿٨٥﴾

۽ اُھو وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھت آھي، ۽ وٽس ئي قيامت (جي اچڻ) جي خبر آھي، ۽ ڏانھنس موٽائبؤ.

وَلَا يَمْلِكُ ٱلَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِهِ ٱلشَّفَٰعَةَ إِلَّا مَن شَهِدَ بِٱلْحَقِّ وَهُمْ يَعْلَمُونَ ﴿٨٦﴾

۽ (ڪافر) جن (بُتن) کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي شفاعت ڪري نه سگھندا آھن پر اُھي جن (دين جي) سچي شاھدي ڏني ھوندي ۽ اُھي (اُن جي حقيقت) ڄاڻندا آھن (اُھي شفاعت ڪندا).

وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَهُمْ لَيَقُولُنَّ ٱللَّهُ ۖ فَأَنَّىٰ يُؤْفَكُونَ ﴿٨٧﴾

۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته کين ڪنھن خلقيو ته ضرور چوندا ته الله (خلقيو آھي) پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.

وَقِيلِهِۦ يَٰرَبِّ إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ قَوْمٌۭ لَّا يُؤْمِنُونَ ﴿٨٨﴾

۽ (قسم آھي) پيغمبر جي انھي چوڻ تي ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ ھيءَ اھڙي قوم آھن جو (ڪنھن طرح) ايمان نه ٿا آڻين.

فَٱصْفَحْ عَنْهُمْ وَقُلْ سَلَٰمٌۭ ۚ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ ﴿٨٩﴾

پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ (موڪلائيءَ جو) سلام چؤ، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.